Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 3:13 - Muslim Sindhi Bible

13 سو اسين ائين نہ ٿا ڪريون جيئن موسيٰ ڪيو، جنهن پنهنجي منهن تي پردو ٿي وڌو تہ جيئن بني اسرائيل انهيءَ جلوي تي غور نہ ڪن، جيڪو گھٽجندڙ ۽ فنا ٿيندڙ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ موسيٰ وانگر نہ آهيون، جنهن پنهنجي منهن تي پردو وڌو تہ متان بني اسرائيل انهي فنا ٿيندڙ شئي جي پڇاڙيءَ تي غور سان نظر ڪن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 سو اسين ائين نہ ٿا ڪريون جيئن موسيٰ ڪيو، جنهن پنهنجي منهن تي پردو ٿي وڌو تہ جيئن بني اسرائيل انهيءَ جوت تي غور نہ ڪن، جيڪا گھٽجندڙ ۽ ناس ٿيندڙ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 اسين موسيٰ وانگر نہ آھيون، جنھن پنھنجي منھن تي پردو وڌو تہ متان بني اسرائيل جلوي کي گھٽجندي ۽ فنا ٿيندي ڏسن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 3:13
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي عيسيٰ وري پنهنجا هٿ هن جي اکين تي گھمايا. پوءِ هو غور سان ڏسڻ لڳو تہ سندس نظر بحال ٿي ويئي ۽ هو ڏورانهيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو.


جيئن تہ شريعت جو مقصد مسيح ۾ پورو ٿي ويو، تنهنڪري جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو سو ئي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو.


هاڻي موت وارو اهو عهد جيڪو پٿر جي تختين تي اُڪريل هو، تنهن جي خدمت اهڙي تہ جلوي واري هئي جو موسيٰ جو منهن چمڪڻ لڳو. ايتري قدر جو بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نہ ٿي سگھيا، جڏهن تہ اهو جلوو عارضي هو ۽ هاڻي نہ رهيو آهي.


اهي رسمون تہ بعد ۾ اچڻ وارين شين جو رڳو پاڇو آهن، جڏهن تہ حقيقت مسيح پاڻ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ