Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 3:10 - Muslim Sindhi Bible

10 حقيقت ۾ جيڪو عهد ڪنهن وقت جلوي وارو هو، سو هن ٻئي تمام وڌيڪ جلوي واري عهد جي ڪري بي‌جلوي ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو حقيقت ڪري اهو جلال وارو، هن ٻئي جي زيادہ جلال جي ڪري بي جلال ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 حقيقت ۾ جيڪو ٻڌل وچن ڪنهن وقت جوت وارو هو، سو هن ٻئي تمام وڌيڪ جوت واري ٻڌل وچن جي ڪري بي‌جوت ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ڇالاءِ⁠جو حقيقت ڪري جيڪو اڳ جلوي وارو ھو، سو ھن ٻئي تمام وڌيڪ جلوي واري جي ڀيٽ ۾ ڄڻ تہ بي⁠جلوي ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 3:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ياد رک، هن جي نظر ۾ نڪي چنڊ روشن آهي، ۽ نہ وري ستارا ئي پاڪ آهن.


انهيءَ وقت قادرِمطلق خداوند جي ئي بادشاهي هوندي، هو صيئون جبل تي اڏيل يروشلم شهر مان حڪم هلائيندو، ۽ سندس قوم جا حاڪم سندس جلوو پيا پسندا. خداوند جو جلوو ايترو تہ تجليءَ وارو هوندو جو سج چنڊ بہ سندس آڏو لڄي ۽ شرمسار هوندا.


’ڇا اوهان منجھہ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جن اصلي هيڪل جو شان وَ شوڪت ڏٺو هجي؟ اوهان انهن کان پڇو تہ کين هاڻوڪي هيڪل ڪيئن ٿي ڏسڻ ۾ اچي؟ ٿي سگھي ٿو تہ انهن جي خيال ۾ اڳئين جي مقابلي ۾ هي هيڪل ڪجھہ بہ نہ آهي.


اهو منجھند جو وقت هو، تڏهن، اي بادشاهہ اگرپا! رستي ويندي مون آسمان مان هڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار هئي، سا مون تي ۽ منهنجي ساٿين تي اچي چمڪي.


سو جيڪڏهن اها فنا ٿيندڙ شيءِ جلوي واري هئي تہ هيءَ بقا واري شيءِ ڪيترو نہ وڌيڪ جلوي واري هوندي!


هائو، جيڪڏهن اها ڏوهاري بڻائڻ واري خدمت ايڏي جلوي واري هئي، تہ پوءِ جنهن خدمت جي ڪري ماڻهو سچار ٿا بڻايا وڃن سا ضرور انهيءَ کان بہ وڌيڪ جلوي واري هوندي.


هائو، جڏهن عيسيٰ کي خدا پيءُ عزت ۽ عظمت بخشي، تڏهن انهيءَ خداءِ‌ذوالجلال وٽان اتي هي آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان.“


اتي وري ڪڏهن بہ رات نہ ٿيندي، تنهنڪري انهن کي ڏيئي يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا انهن کي روشن ڪندو ۽ اهي هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ