Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 13:8 - Muslim Sindhi Bible

8 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين حق سچ جي خلاف کڙا ٿي نہ ٿا سگھون، پر رڳو ان جي حمايت ڪري ٿا سگھون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو اسين سچ جي برخلاف ڪجهہ بہ ڪري نٿا سگهون، پر فقط سچ جي لاءِ ڪري ٿا سگهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين حق سچ جي خلاف کڙا ٿي نہ ٿا سگھون، پر رڳو ان جي حمايت ڪري ٿا سگھون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ڇالاءِ⁠جو اسين سچائيءَ جي خلاف ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھون، پر رڳو ھن جي حق ۾ ئي ڪري ٿا سگھون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 13:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ميڪاياہ اخي‌اب کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪنهن بہ طرح صحيح سلامت موٽي آئين تہ پوءِ چئبو تہ خداوند منهنجي معرفت ڳالهايو ئي ناهي.“ پوءِ هن اتي موجود سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين سڀ اهو ٻڌي ڇڏيو.“


جيڪڏهن خداوند ڪنهن جي خلاف آهي تہ ڪابہ ڏاهپ، سوچ سمجھہ يا صلاح مصلحت ڪم نہ ٿي اچي.


جنهن پٽ پاراتي جا اوهين مستحق ناهيو، سا انهيءَ پکي جيان آهي جيڪو رڳو هوا ۾ اڏامي ٿو پر هيٺ لهي اچي نقصان نہ ٿو پهچائي.


تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”هن کي منع نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جيڪو منهنجي نالي تي معجزو ڪري ۽ پوءِ جلد ئي منهنجي گلا ڪري سگھي.


خداوند عيسيٰ اسان کي اختيار ڏنو آهي تہ اوهان جي ايمان ۾ واڌارو آڻيون نڪي انهيءَ کي ڊاهيون. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ اختيار تي آءٌ ڪجھہ وڌيڪ فخر ڪريان ٿو، تہ انهيءَ ۾ منهنجي لاءِ شرمندگيءَ جي ڪا ڳالهہ نہ آهي.


آءٌ پنهنجي غيرحاضريءَ ۾ هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکان ٿو تہ جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي انهيءَ اختيار موجب اوهان تي سختي ڪرڻي نہ پوي، جيڪو خداوند عيسيٰ مون کي انهيءَ لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن اهو اوهان کي بگاڙڻ لاءِ نہ، پر بڻائڻ لاءِ ڪم آڻيان.


هاڻي اسين خدا کان دعا ٿا گھرون تہ اوهين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو. انهيءَ لاءِ نہ، تہ اسين سچا ڏسڻ ۾ اچون، پر انهيءَ لاءِ تہ اوهين اهي ئي ڪم ڪريو جيڪي چڱا هجن، توڙي جو اسين سچا نہ سمجھيا وڃون.


سو جيڪڏهن اوهين سچ‌پچ طاقتور آهيو تہ پوءِ اسين پنهنجي ڪمزور هجڻ ۾ خوش آهيون ۽ اها بہ دعا ٿا گھرون تہ اوهين بهتر کان بهتر ٿيندا وڃو.


همنيس ۽ سڪندر انهن مان ئي آهن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ڪفر بڪڻ کان مُڙي وڃڻ سکن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ