Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 13:10 - Muslim Sindhi Bible

10 آءٌ پنهنجي غيرحاضريءَ ۾ هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکان ٿو تہ جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي انهيءَ اختيار موجب اوهان تي سختي ڪرڻي نہ پوي، جيڪو خداوند عيسيٰ مون کي انهيءَ لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن اهو اوهان کي بگاڙڻ لاءِ نہ، پر بڻائڻ لاءِ ڪم آڻيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 انهي نسبت اچڻ کان اڳ ۾ اهي ڳالهيون لکان ٿو، تہ جڏهن اچان، تڏهن مون کي انهي اختيار موجب سختي ڪرڻي نہ پوي، جو خداوند مون کي قائم ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي، نہ ڊاهڻ جي لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 آءٌ پنهنجي غيرحاضريءَ ۾ هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکان ٿو تہ جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي انهيءَ اختيار موجب اوهان تي سختي ڪرڻي نہ پوي، جيڪو پرڀو يسوع مون کي انهيءَ لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن اهو اوهان کي بگاڙڻ لاءِ نہ، پر بڻائڻ لاءِ ڪم آڻيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 آءٌ پنھنجي غيرحاضريءَ ۾ ھي ڳالھيون لکان ٿو تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي اختيار موجب اوھان تي سختي ڪرڻي نہ پوي. اھو اختيار خداوند مون کي اوھان جي بگاڙڻ جي لاءِ نہ، بلڪ سڌارڻ لاءِ ڏنو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 13:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان تہ ڪيئن پيش اچان، ڏنڊي سان يا پيار ۽ نماڻائيءَ سان؟


سو جڏهن اوهين اسان جي خداوند عيسيٰ جي نالي ۾ گڏ ٿيندا تہ خداوند عيسيٰ جي قدرت سان گڏ منهنجو روح بہ اوهان سان هوندو.


جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي دليري ڏيکارڻ لاءِ مجبور نہ ڪجو. ڏسو، ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سمجھن ٿا تہ اسان جي هلت چلت دنياوي آهي، تن کي آءٌ دليري بہ ڏيکاري سگھان ٿو.


ڇاڪاڻ تہ اسان جي ويڙهہ جا هٿيار دنياوي نہ، پر خدائي طاقت وارا آهن. انهن سان اسين مضبوط قلعن کي بہ ڊاهيو ٿا وجھون،


خداوند عيسيٰ اسان کي اختيار ڏنو آهي تہ اوهان جي ايمان ۾ واڌارو آڻيون نڪي انهيءَ کي ڊاهيون. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ اختيار تي آءٌ ڪجھہ وڌيڪ فخر ڪريان ٿو، تہ انهيءَ ۾ منهنجي لاءِ شرمندگيءَ جي ڪا ڳالهہ نہ آهي.


جڏهن اڳئين دفعي آءٌ اوهان وٽ موجود هئس، تڏهن اوهان کي ان وقت ئي آگاهہ ڪيو هئم. هاڻي آءٌ غيرحاضريءَ ۾ اڳي کان گناهہ ڪندڙن توڙي ٻين سڀني کي ٻيهر آگاهہ ٿو ڪريان تہ جڏهن آءٌ وري ايندس تڏهن ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيندس.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين حق سچ جي خلاف کڙا ٿي نہ ٿا سگھون، پر رڳو ان جي حمايت ڪري ٿا سگھون.


مون انهيءَ ڪري اوهان کي خط لکيو هو تہ جڏهن آءٌ اچان تہ جن کان خوشي ملڻ گھرجي، تن کان متان مون کي رنج پهچي. آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ اهو يقين رکان ٿو تہ منهنجي خوشي اوهان سڀني جي خوشي آهي.


انهن کان علاوہ پاڪيزگيءَ سان، ڄاڻ سان، بردباريءَ سان، مهربانيءَ سان، پاڪ روح سان، حقيقي محبت سان،


سندس اها شاهدي سچي آهي، تنهنڪري انهن کي سختيءَ سان تنبيهہ ڪندو ڪر، تہ جيئن سندن ايمان درست ٿي وڃي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ