Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 13:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جيئن تہ توريت ۾ لکيل آهي تہ ”ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان سڀڪا ڳالهہ ثابت ٿي ويندي،“ سو ياد رکو تہ هي ٽيون دفعو آهي جو آءٌ اوهان ڏانهن پيو اچان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هي ٽيون ڀيرو آهي جو آئون اوهان ڏانهن ٿو اچان. ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان سڀڪا ڳالهہ ضرور ثابت ٿي پوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 جيئن تہ نيم شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان سڀڪا ڳالهہ ثابت ٿي ويندي،“ سو ياد رکو تہ هي ٽيون دفعو آهي جو آءٌ اوهان ڏانهن پيو اچان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھي ٽيون دفعو آھي جو آءٌ اوھان ڏانھن پيو اچان. ٻن يا ٽن شاھدن جي واتان سڀڪا ڳالھہ ضرور ثابت ٿي پوندي، جيئن توريت ۾ لکيل آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 13:1
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون اڃا بادشاهہ سان ڳالهائيندي ئي پيئي هوندينءَ تہ آءٌ بہ تنهنجي پٺيان اچي ويندس ۽ تنهنجي ڳالهہ جي تصديق ڪندس.“


ٻہ بدمعاش ماڻهو هن جي سامهون ويهاريو ۽ انهن کان نابوت خلاف شاهدي ڏياريو تہ نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي. تنهن کان پوءِ انهيءَ کي ٻاهر وٺي وڃي سنگسار ڪري ماري ڇڏيو.“


پوءِ ٻہ بدمعاش ماڻهو اچي نابوت جي سامهون ويٺا ۽ انهيءَ جي خلاف شاهدي ڏيندي چيائون تہ ”نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي.“ تڏهن نابوت کي شهر کان ٻاهر آندو ويو ۽ کيس سنگسار ڪري ماريو ويو.


جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي قتل ڪري تہ پوءِ انهيءَ قاتل کي شاهدن جي شاهديءَ تي ئي ماريو وڃي، پر انهيءَ لاءِ رڳو هڪڙي ئي شاهد جي شاهدي ڪافي ناهي.


پر جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ نہ مڃي تہ پوءِ جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ’هڪڙو يا ٻہ شخص پاڻ سان وٺي وڃو تہ جيئن سڄو ڏوهہ ٻن يا ٽن شاهدن جي سامهون مٿس ثابت ٿئي.‘


هاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوهان وٽ اچڻ لاءِ تيار آهيان ۽ وري بہ اوهان تي بار نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي ڌن دولت کي نہ، پر اوهان کي چاهيان ٿو. ڌن دولت تہ ماءُ پيءُ کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي، نہ ٻارن کي ماءُ پيءُ جي لاءِ.


اهڙي واجب‌القتل ماڻهوءَ کي رڳو هڪڙي شاهد جي شاهديءَ تي نہ ماريو وڃي، بلڪ ٻن يا ٽن شاهدن جي شاهديءَ تي کيس ماريو وڃي.


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا بڇڙائي يا گناهہ ڪري ٿو تہ انهيءَ جي خلاف رڳو هڪڙي شخص جي شاهدي ڪافي نہ آهي، بلڪ ٻن يا ٽن شاهدن جي زبانيءَ تي ڳالهہ ثابت ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ