Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 12:7 - Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ رويا جي زبردست ڳالهين جي ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنهنڪري منهنجي بدن ۾ هڪ ڪَنڊو هنيو ويو، يعني شيطان جو چيلو جيڪو مون کي تنگ ڪندو رهي تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ ظهورن جي نهايت گهڻائيءَ ڪري متان آئون مغرور ٿي پوان، تنهنڪري منهنجي جسم ۾ هڪڙو ڪنڊو هنيو ويو، تہ شيطان جو قاصد ٿي اهو مون کي تنگ ڪري تہ آئون مغرور نہ ٿيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 انهيءَ درشن جي زبردست ڳالهين جي ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنهنڪري منهنجي شرير ۾ هڪ ڪَنڊو هنيو ويو، يعني شيطان جو چيلو جيڪو مون کي تنگ ڪندو رهي تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 مڪاشفن جي نھايت گھڻائيءَ ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنھنڪري منھنجي بدن ۾ ھڪ ڪنڊو ھنيو ويو، يعني شيطان جو قاصد، جيڪو مون کي تنگ ڪري تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 12:7
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ڏٺو تہ هو کانئس کٽي نہ ٿو سگھي، تڏهن جيئن هو يعقوب سان ملهہ ٿي وڙهيو تہ سندس ران کي مروٽو ڏيئي جوڙ وٽان ڪڍي وڌائينس.


جڏهن هو فني‌ايل مان لنگھي ويو تہ سج اڀري ويس. هو ران سببان منڊڪائيندو ٿي هليو.


پر طاقتور ٿيڻ کان پوءِ عُزياہ ڏاڍو مغرور ٿي ويو ۽ هن جو غرور ئي سندس زوال جو سبب بڻيو. هن خداوند پنهنجي خدا جي نافرماني ڪندي هيڪل ۾ اندر گھڙي لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ تي لوبان ساڙيو.


جڏهن بابل جي حڪمرانن ڏانهس پنهنجا ايلچي موڪليا تہ کانئس ان معجزي واري نشانيءَ بابت پڇي اچن جيڪا سندس ملڪ ۾ ظاهر ٿي هئي، تڏهن خدا هن کي سندس مرضيءَ تي ڇڏيو تہ جيئن کيس آزمائي ۽ ڏسي تہ سندس دل ۾ ڇا آهي.


خداوند شيطان کي چيو تہ ”ٺيڪ آهي، هو تنهنجي اختيار ۾ آهي، پر هن جي حياتي رڳو بچيل رهي.“


تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان نڪري هليو ويو ۽ وڃي ايوب کي پيرن جي ترين کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين خوفناڪ ڦرڙين جي تڪليف ڏنائين.


خداوند فرمايو تہ ”جڏهن اهي اڳڪٿيون پوريون ٿينديون، تڏهن هي قومون جيڪي بني اسرائيل جي آس‌پاس آهن ۽ جيڪي کانئن حقارت ٿا ڪن، سي وري ڪڏهن بہ بني اسرائيل لاءِ چڀندڙ ڪنڊو يا ايذائيندڙ ڪانڊيرو ڪونہ رهنديون. پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ خداوند خدا آءٌ ئي آهيان.“


پر جڏهن سندس دل تڪبر وچان سخت ٿي ويئي ۽ هو هٺيلو ٿي هلڻ لڳو، تڏهن کيس شاهي تخت تان لاٿو ويو ۽ سندس شان وَ شوڪت کانئس کسي ويئي.


تنهنڪري هاڻي آءٌ لوڙهو ڏيئي سندس رستو بند ڪندس، هائو، هن جي آڏو ڀت ڪڍندس، تان‌تہ کيس ڪو رستو نہ ملي.


پر جيڪڏهن اوهين انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کي ڀڄائي نہ ڪڍندا تہ پوءِ جن کي اوهين اتي رهڻ ڏيندا سي اوهان جي اکين ۾ ڇيتين وانگر ۽ اوهان جي پاسن ۾ ڪنڊن وانگر چڀندا ۽ اهي انهيءَ ملڪ ۾ اوهان کي ستائيندا جتي اوهين رهندا.


پوءِ هنن سندس منهن تي ٿڪون هنيون ۽ کيس ٺونشا هنيائون. ڪن وري کيس چماٽون هڻندي


تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


تڏهن هيءَ عورت جيڪا ابراهيم جي اولاد مان آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻڌي سوگھو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن انهيءَ قيد مان ڇڏائڻ جائز نہ هو ڇا؟“


اڄ ڏينهن تائين اسين بکايل ۽ اڃايل ٿا رهون ۽ بدن تي پورا ڪپڙا بہ نہ آهن. اسان کي چماٽون هنيون وڃن ٿيون ۽ بي‌گھر ڦرندا ٿا وتون.


انهيءَ وقت اهڙي شخص کي شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ جيئن سندس جسماني خواهشون ناس ٿي وڃن پر سندس روح خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ واري ڏينهن بچي وڃي.


بيشڪ ڪي چون ٿا تہ ”پولس جا خط رعب وارا ۽ سخت آهن، پر جڏهن پاڻ حاضر ٿئي ٿو تہ هن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جهڙي اٿس.“


يعني انهن اجاين دليلن ۽ هٺ وارين ڳالهين کي مِٽائي ٿا ڇڏيون، جيڪي خدا کي ڄاڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي اُڀرن ٿيون. اسين هر هڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جي تابع ٿا ڪريون.


ڏسو، جڏهن ڪو اوهان کي غلام ٿو بڻائي، يا اوهان کي لٽي ڦري ٿو، يا اوهان کي ڦاسائي ٿو، يا اوهان تي رعب ٿو ڄمائي، يا اوهان جي منهن تي چماٽ ٿو هڻي تہ اوهين برداشت نہ ٿا ڪريو ڇا؟


ضروري آهي تہ آءٌ اڃا بہ فخر ڪريان، جيتوڻيڪ انهيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونهي. سو جيڪي رويائون ۽ مڪاشفا مون کي خداوند عيسيٰ کان مليا آهن، هاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.


جڏهن مون اوهان کي پهريون دفعو خوشخبري ٻڌائي هئي؟ نہ، جيتوڻيڪ اوهين ڄاڻو پيا تہ آءٌ جسم جي هيڻائيءَ ۽ بيماريءَ جي سبب اوهان وٽ آيو هئس.


انهيءَ جو مقصد اهو بہ آهي تہ هو پاڻ کي پنهنجي هم‌قوم بني اسرائيل کان وڌيڪ نہ سمجھي، نڪي هن حڪم کان ساڄي يا کاٻي پاسي ڦري، تان‌تہ بني اسرائيل منجھہ هن جي ۽ سندس اولاد جي بادشاهيءَ جا ڏينهن وڌيڪ ٿين.“


تڏهن اوهان جي دل ۾ مغروري اچي وڃي. پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي وساري ويهو، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


هو تازو ايمان آڻيندڙ نہ هجي، متان ڦونڊ ۾ اچي ابليس وانگر گنهگار قرار ڏنو وڃي.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ هنن کي اوهان جي ملڪ مان هڪالي نہ ڪڍندس، بلڪ اهي اوهان جي پاسن ۾ ڪنڊا ۽ هنن جا معبود اوهان جي لاءِ ڦندو ٿيندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ