Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 11:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تنهنڪري جيڪڏهن شيطان جا خادم بہ پنهنجو روپ مَٽائي پاڻ کي سچائيءَ جي خادمن جهڙو ٿا بڻائين تہ ڪو عجب ڪونهي. پر انهن جي پڇاڙي سندن عملن مطابق ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تنهنڪري جيڪڏهن انهي جا خادم پاڻ کي راستبازيءَ جا خادم ٿا بنائين تہ ڪا عجب ڳالهہ ڪانهي. انهن جو نتيجو سندن ڪمن جهڙو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 تنهنڪري جيڪڏهن شيطان جا سيوڪ بہ پنهنجو روپ مَٽائي پاڻ کي سچائيءَ جي سيوڪن جهڙو ٿا بڻائين تہ ڪو عجب ڪونهي. پر انهن جي پڇاڙي سندن عملن مطابق ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 تنھنڪري جيڪڏھن شيطان جا خادم بہ پنھنجو ويس مٽائي پاڻ کي سچائيءَ جي خادمن جھڙو ٿا بڻائين تہ ڪو عجب ڪونھي. پر انھن جي پڇاڙي سندن ڪمن جھڙي ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 11:15
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن نعمان جا نوڪر وٽس آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي سائين! جيڪڏهن نبي اوهان کي ڪنهن وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ها تہ اوهين اهو نہ ڪريو ها ڇا؟ تہ پوءِ ڇو توهين هن جي چوڻ مطابق غسل نہ ٿا ڪريو، تہ ڇٽي چڱا ڀلا ٿي پئو؟“


تنهنڪري مون خداوند جو اهو فرمان آهي تہ آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس نسل کي اهڙي سزا ڏيندس جو قوم مان سندن نالو نشان ئي مٽجي ويندو. هو اهي چڱا ڪم ئي نہ ڏسندو جيڪي آءٌ پنهنجي قوم لاءِ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“


نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


اوهان پنهنجن ڪوڙن سان سچارن جون دليون ٽوڙي وڌيون آهن، جيتوڻيڪ آءٌ انهن جو غمگين ٿيڻ نہ ٿو چاهيان. ان کان علاوہ اوهان بدڪارن جا هٿ مضبوط ڪيا آهن، جنهن جي ڪري اهي خراب رستي کان باز اچي پنهنجي جان نہ ٿا بچائين.


۽ چيائينس تہ ”اي ابليس جا پٽ! تون هر نيڪيءَ جو دشمن آهين ۽ هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آهين. تون خداوند جي سڌي رستي کي بگاڙي پيش ڪرڻ کان مُڙي ڇو نہ ٿو وڃين؟


خدا هر ڪنهن کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو.


پوءِ اوهين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انهيءَ مان ڀلائي ٿئي.“ ڪي ماڻهو اسان تي اها تهمت هڻن بہ ٿا تہ اها تعليم اسان جي آهي. اهڙن تهمت هڻندڙن کي ڏوهاري قرار ڏيڻ انصاف آهي.


جيڪڏهن اسان اوهان ۾ روحاني شيون پوکيون آهن، تہ پوءِ اها ڪا وڏي ڳالهہ آهي ڇا جو اوهان مان اسين دنياوي شيون لڻون؟


حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو رسول نہ، پر ڪوڙا ۽ دغابازيءَ سان ڪم ڪندڙ آهن جيڪي روپ مَٽائي پنهنجو پاڻ کي مسيح جي رسولن جهڙو ٿا بڻائين.


ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالهايان ٿو تہ آءٌ انهن کان بهتر خادم آهيان. مون انهن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آهي. آءٌ انهن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رهيو آهيان. مون انهن کان وڌيڪ چهبڪ کاڌا آهن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منهن ۾ ويو آهيان.


هائو، جيڪڏهن اها ڏوهاري بڻائڻ واري خدمت ايڏي جلوي واري هئي، تہ پوءِ جنهن خدمت جي ڪري ماڻهو سچار ٿا بڻايا وڃن سا ضرور انهيءَ کان بہ وڌيڪ جلوي واري هوندي.


ياد رکو تہ اسان جي جنگ انسانذات سان نہ، پر هن دنيا تي ڇانيل اونداهيءَ وارين طاقتن، اختياريءَ وارن ۽ حاڪمن سان ۽ ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ بڇڙن روحن جي لشڪرن سان آهي.


اهڙن ماڻهن جي پڇاڙي بربادي آهي، انهن جو خدا سندن پيٽ آهي، اهي پنهنجي شرمناڪ ڳالهين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رهي.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي خدا سندن خلاف فتويٰ جاري ڪئي هئي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پاڪ ڪلام مطابق قديم زماني کان گنهگار قرار ڏنو ويو آهي. اهي بي‌دين ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي خدا جي فضل کي بگاڙي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند، يعني عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي گمراهہ ڪرڻ لاءِ معجزا ڏيکاري. انهن معجزن جي ڪري هو گمراهہ ٿي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيئرو ٿي پيو هو.


مون جيڪو حيوان ڏٺو سو چيتي جهڙو هو، پر سندس پير رڇ جهڙا هئا ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هئس. ازدها انهيءَ حيوان کي پنهنجي طاقت، پنهنجو تخت ۽ وڏو اختيار ڏنو.


انهيءَ ماڪڙ جو بادشاهہ اوڙاهہ وارو ملائڪ هو، جنهن جو نالو عبراني ٻوليءَ ۾ ابدون ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون آهي، جن جي معنيٰ آهي ”ناس ڪندڙ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ