Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 10:17 - Muslim Sindhi Bible

17 بهرحال پاڪ ڪلام ۾ اهو لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ”پر جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 بهرحال پوِتر شاستر ۾ اهو لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو پرميشور تي فخر ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 10:17
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪندا رهو، ڀل تہ انهن سڀني جون دليون خوش ٿين، جيڪي خداوند جا طالبو آهن.


تہ جيئن آءٌ تنهنجي چونڊيلن جي خوشحالي ڏسان. هائو، تنهنجي قوم جي خوشي ڏسي آءٌ بہ شادمان ٿيان، ۽ تنهنجي ماڻهن سان گڏجي بيحد فخر ڪريان.


اوهين انهن کي ڳاهي وائريندا، ۽ طوفاني هوا انهن کي اُڏائي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندي، پوءِ اوهين مون خداوند جي واکاڻ ڪندي خوشيون ڪندا. هائو، مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي اوهين تعريف ڪندا.


بني اسرائيل جي سڄي نسل کي آءٌ فتح ۽ ڪاميابي بخشيندس. اهي مون خداوند تي ئي فخر ڪندا.“


پوءِ سندن ملڪ ۾ جيڪو بہ پنهنجي لاءِ برڪت گھرندو، سو مون سچي خدا جي نالي سان گھرندو. هائو، اتي جيڪو بہ قسم کڻندو، سو مون سچي خدا جي نالي سان کڻندو. اڳيون مصيبتون آءٌ ختم ڪري ڇڏيندس، ۽ اوهان کان اهي وسري وينديون.“


۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾ مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ، تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“


نہ رڳو ايترو پر پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح، جنهن جي وسيلي اسان جو خدا سان ميل ميلاپ ٿيو آهي، تنهن جي معرفت اسين خدا تي فخر بہ ڪريون ٿا.


مطلب تہ ڪوبہ انسان خدا جي آڏو پاڻ تي فخر نہ ڪري.


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪرڻ چاهي ٿو، سو خداوند تي فخر ڪري.“


ياد رکو تہ حقيقي طهر ڪرايل اسين آهيون، جيڪي خدا جي پاڪ روح جي مرضيءَ سان زندگي گذاريون ٿا، عيسيٰ مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ جسماني ڳالهين تي ويساهہ نہ ٿا رکون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ