Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 1:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جيئن مسيح جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿي اسين گھڻا ڏک سور سهون ٿا، تيئن مسيح جي وسيلي اسان کي دلداري بہ گھڻي ڏني وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو جيئن مسيح جي خاطر اسان جا ڏک وڌندا ٿا وڃن، تيئن ئي اسان جي تسلي بہ مسيح جي وسيلي وڌندي ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 جيئن مسيح جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿي اسين گھڻا ڏک سور سهون ٿا، تيئن مسيح جي وسيلي اسان کي دلداري بہ گھڻي ڏني وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 جيئن مسيح جا ڏک اسانجين زندگين ۾ حد کان وڌي وڃن ٿا، تيئن مسيح جي وسيلي اسان جي دلداري بہ حد کان وڌي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 1:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پاڪ روح سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري.


تڏهن هو زمين تي ڪري پيو ۽ هڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“


جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون.


حقيقت ۾ مون کي اميد، بلڪ پورو ڀروسو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر وڏي دليريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ آءٌ پنهنجي بدن جي وسيلي مسيح جي وڏائي ظاهر ڪندو رهندس، پوءِ توڙي جيئرو رهان يا مري وڃان.


هاڻ جيڪڏهن اوهان کي مسيح ۾ هئڻ ڪري همت ملي ٿي، سندس محبت مان تسلي ٿئي ٿي، پاڪ روح سان صحبت رکو ٿا ۽ اوهان کي همدردي ۽ رحمدلي حاصل آهي،


آءٌ رڳو اهو چاهيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جيئري ٿي اٿڻ جي قدرت کي ڄاڻي وٺان. آءٌ هن جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿيندي سندس موت ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو،


هاڻي آءٌ انهن ڏکن سورن جي ڪري خوش آهيان، جيڪي اوهان جي خاطر پيو سهان. اهڙيءَ طرح مسيح جي تڪليفن سهڻ جي جيڪا ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي مضبوطيءَ لاءِ آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي جسم ۾ پورو پيو ڪريان.


انهيءَ کان علاوہ تو انهن آزارن ۽ ڏکن سورن ۾ بہ منهنجي پيروي ڪئي آهي، جيڪي انطاڪيا، اڪونيم ۽ لسترا شهرن ۾ مون کي ڏنا ويا. مون ڪيڏا نہ آزار سٺا، پر خداوند عيسيٰ مون کي انهن سڀني مان ڇڏايو.


اٽلندو خوشي ملهايو جو اوهين مسيح جي تڪليفن ۾ شامل ٿا ٿيو. پوءِ جڏهن هو شان وَ شوڪت سان وري ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي ڏاڍي خوشي ۽ سرهائي حاصل ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ