Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 1:21 - Muslim Sindhi Bible

21 اهو خدا ئي آهي، جيڪو اسان کي اوهان سان مسيح ۾ قائم رکي ٿو. خدا ئي اسان کي مخصوص ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 هاڻي جيڪو اسان کي اوهان سان گڏ مسيح ۾ قائم ٿو ڪري، ۽ جنهن اسان کي مسح ڪيو سو خدا آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 اهو ايشور ئي آهي، جيڪو اسان کي اوهان سان مسيح ۾ قائم رکي ٿو. ايشور ئي اسان کي مخصوص ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 اھو خدا ئي آھي، جيڪو اسان ۽ اوھان کي مسيح سان گڏي ھڪ ڪري قائم ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 1:21
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون نيڪيءَ سان محبت ۽ بدڪاريءَ کان نفرت ٿو ڪرين، تنهنڪري خدا، هائو، تنهنجي خدا خوشيءَ وارو تيل کڻي ٻين سڀني بادشاهن کان وڌيڪ تنهنجي مٿان پئٽيو آهي.


بيشڪ خدا تعاليٰ صيئون جي شهر کي اهڙو قائم ڪيو آهي، جو هر قوم چوندي تہ ”اسين بہ هن ئي شهر جا آهيون.“


’تنهنجي نسل مان سدائين ڪو نہ ڪو بادشاهہ ٿيندو رهندو، هائو، پيڙهي بہ پيڙهي تنهنجو تخت قائم رهندو.‘“


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اوهان کي ڇڏائڻ جو وقت ايندو، تڏهن آءٌ اوهان جون دعائون قبول ڪندس، ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي حفاظت ڪندس، ۽ اوهان جي وسيلي ٻين قومن سان عهد ٻڌندس. اوهين پنهنجي تباهہ ٿيل ملڪ کي وري اڏيندا، ۽ انهن ويران ٿيل ورثي وارين جاين کي اچي نئين سر آباد ڪندا.


اوهان سان منهنجو هي عهد آهي تہ منهنجو روح اوهان کان پري نہ ٿيندو ۽ منهنجيون ڳالهيون هميشہ هميشہ اوهان جي زبان تي هونديون. هائو، هاڻي کان وٺي اهي اوهان جي اولاد جي ۽ اولاد جي اولاد جي زبان تي ابد تائين هونديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


هائو، جيستائين هو تو يروشلم کي بحال نہ ڪري، ۽ روءِ‌زمين تي تو کي تعريف جي لائق نہ بڻائي، تيستائين هو بنا آرام ڪرڻ جي سندس ڪيل واعدا کيس ياد ڏياريندا رهندا.


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


اهو آهي خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان هارون ۽ سندس پٽن جو حصو، جيڪو انهيءَ ڏينهن مقرر ڪيو ويو هو جنهن ڏينهن کين ڪهانت جي عهدي تي خداوند جي خدمت ڪرڻ لاءِ وقف ڪيو ويو هو.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي رت وهائي ڳوٺن جو بنياد ٿا وجھو، ۽ ڏوهہ ڪندي شهر ٿا اڏيو.


بيشڪ جنهن کي خدا موڪليو آهي سو خدا جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ خدا کيس پنهنجو روح بي‌حساب عطا ڪري ٿو.


اوهان کي اها بہ خبر آهي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ تي پاڪ روح ۽ قدرت نازل ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو ابليس جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهيءَ ساڻ هو.


جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي ايمان آڻي فرمانبردار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جي آءٌ منادي ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ راز جي ظاهر ٿيڻ موجب شل خدا اوهان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري.


پر اوهين انساني فطرت موجب نہ بلڪ پاڪ روح موجب هلو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهان ۾ خدا جو روح رهي ٿو. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آهي سو مسيح جو نہ آهي.


اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح اوهان کي پڇاڙيءَ تائين ايمان ۾ قائم بہ رکندو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين سندس اچڻ واري ڏينهن تي بي‌الزام قرار ڏنا وڃو.


اهو خدا ئي آهي، جنهن اسان کي انهيءَ تبديليءَ لاءِ تيار ڪيو آهي ۽ اڳواٽ ئي پاڪ روح بياني طور ڏنو اٿائين.


هائو، مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنهنجي زندگي اڏيندا وڃو. جيئن اوهان کي تعليم ملي آهي، تيئن ايمان ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو.


ائين هو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن هو اچي ۽ پنهنجي سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ هجي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي آڏو اوهين پاڪ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


سي شل اوهان جي دلين کي همت عطا ڪن ۽ اهڙي طاقت بخشين جو جيڪي ڪجھہ اوهين چئو ۽ ڪريو سو چڱو هجي.


تنهن کان پوءِ اهو وڳوڙي ظاهر ٿيندو، جنهن کي خداوند عيسيٰ پنهنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو، بلڪ پنهنجي آمد جي تجلي سان ئي کيس چٽ ڪري ڇڏيندو.


پر خداوند عيسيٰ سچو آهي، جيڪو اوهان کي مضبوط ڪندو ۽ بڇڙائيءَ کان بچائيندو.


جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي خدا جي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.


هاڻي خدا، جيڪو هر طرح جي فضل جو سرچشمو آهي ۽ جنهن اوهان کي مسيح جا هئڻ ڪري پنهنجي دائمي جلوي ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين تڪليفن سهڻ کان پوءِ پاڻيهي اوهان کي بحال، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


پر اوهان تي پاڪ هستيءَ پنهنجو روح نازل ڪري اوهان کي مخصوص ڪيو آهي، تنهنڪري اوهان سڀني کي سچائيءَ جي ڄاڻ آهي.


پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.


۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جي هڪڙي بادشاهت بڻايو تہ جيئن اسين سندس پيءُ يعني خدا جي خدمت ڪري سگھون. شل انهيءَ جي عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


تنهنڪري آءٌ اوهان کي صلاح ٿو ڏيان تہ باهہ ۾ صاف ٿيل نج سون مون کان خريد ڪريو تہ دولتمند ٿيو ۽ اڇا ڪپڙا بہ وٺو تہ پنهنجي اوگھڙ ڍڪي شرمسار نہ ٿيو. پنهنجي اکين لاءِ سرمو وٺو تہ ڏسي سگھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ