1.تيمٿيس 6:11 - Muslim Sindhi Bible11 پر اي خدا جا بندا! تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄجانءِ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، ثابت قدميءَ ۽ نماڻائيءَ جو طلبگار رهجانءِ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 پر اي خدا جا بندا، تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄ؛ ۽ راستبازيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حلم جو طالب ٿيءُ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible11 پر اي ايشور جا بندا! تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄجانءِ ۽ سچائيءَ، ڌرمچاريءَ، وشواس، پريم، ثابت قدميءَ ۽ نمرتا جو ڳولائو رهجانءِ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament11 پر اي خدا جا بندا! تون انھن ڳالھين کان پري ڀڄ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حليمائيءَ جو طلبگار ٿيءُ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پنهنجي پيءُ دائود جي قاعدي جي پيروي ڪندي هن ڪاهنن جون ٽوليون واري واري سان هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيون. لاوين کي مقرر ڪيائين تہ هو روزمرہ جي دستور موجب حمد ۾ اڳواڻي ڪن ۽ ڪاهنن جي خدمت چاڪري ڪن. هن دربانن کي بہ ٽولن جي صورت ۾ سڀني درن تي مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ٻانهي دائود بادشاهہ ائين ئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين جيڪي سچائيءَ تي هلڻ چاهيو ٿا، ۽ مون خداوند جا طالبو آهيو، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اوهين پنهنجي وڏي ابراهيم ۽ سندس زال سارہ بابت سوچو، جن مان اوهين پيدا ٿيا آهيو. ابراهيم هڪ ٽڪر هو جنهن منجھان اوهين ٽُڪيا ويا آهيو. هائو، اهو پٿرن جي هڪ کاڻ هو، جنهن مان اوهين کوٽيا ويا آهيو. اهو پهريائين بياولاد هو، پر جڏهن مون خداوند کيس چونڊي برڪت عطا ڪئي، تڏهن منجھانئس بيشمار نسل پيدا ٿيو.