1.تيمٿيس 6:10 - Muslim Sindhi Bible10 ياد رکو، پئسي سان پيار رکڻ هر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آهي. ڪي ماڻهو دولت جي خواهش ۾ پئجي ايمان کان ڀٽڪي ويا آهن ۽ پاڻ کي طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 ڇالاءِ جو پيسي جو پيار سڀ قسم جي خرابين جي پاڙ آهي: جنهن جي پٺيان پوڻ ڪري ڪي ماڻهو ايمان کان گمراهہ ٿي ويا آهن، ۽ گهڻن ئي ڏکن جا تير منجهن چُڀي ويا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible10 ياد رکو، پئسي سان پيار رکڻ هر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آهي. ڪي ماڻهو دولت جي خواهش ۾ پئجي وشواس کان ڀَٽڪي ويا آهن ۽ پاڻ کي طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament10 ڇالاءِجو پيسي سان پيار رکڻ، ھر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آھي. ڪي ماڻھو پيسي جا طلبگار ٿي ايمان کان گمراھہ ٿي ويا ۽ طرح طرح جي ڏکن ۾ پاڻ کي وڪوڙي ڇڏيائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اوهان جَوَن جي چند مُٺين ۽ مانيءَ جي چند ٽُڪرن حاصل ڪرڻ خاطر منهنجي قوم آڏو منهنجي بيحرمتي ڪئي آهي. اوهان انهن جانين کي مارڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي مرڻ جي لائق نہ آهن ۽ انهن جانين کي بچائڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي بچائڻ جي لائق نہ آهن. سو اوهين منهنجي قوم کي ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌايو ٿيون ۽ اهي اوهان جي ڳالهين تي يقين ٿا ڪن.