Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تيمٿيس 1:20 - Muslim Sindhi Bible

20 همنيس ۽ سڪندر انهن مان ئي آهن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ڪفر بڪڻ کان مُڙي وڃڻ سکن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 انهن مان همنيوس ۽ سڪندر آهن؛ جن کي مون شيطان جي حوالي ڪيو تہ ڪفر کان باز رهڻ سکن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 همنيس ۽ سڪندر انهن مان ئي آهن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ايشور جي نندا کان مُڙي وڃڻ سکن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ھمنيوس ۽ سڪندر انھن مان ئي آھن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ڪفر بڪڻ کان باز رھڻ سکن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تيمٿيس 1:20
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن هو انهن کي انڪار ڪري تہ ڪليسيا کي ٻڌايو ۽ جيڪڏهن ڪليسيا کي بہ نہ مڃي تہ پوءِ هن کي غير ايمان وارن ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جهڙو ڪري سمجھو.“


جڏهن ڪن يهودين ايڏا ميڙ ڏٺا تہ ساڙ وٺي وين، سو هو پولس جي تبليغ خلاف بدشد ڳالهائيندي سندس بي‌عزتي ڪرڻ لڳا.


آخرڪار ماڻهن مان ڪن جو هي خيال هو تہ سڪندر نالي شخص ئي ذميوار آهي، ڇاڪاڻ تہ يهودين کيس اڳ ۾ ڪيو هو. پوءِ سڪندر هٿ سان اشارو ڪري ڪوشش ڪئي تہ ماڻهن اڳيان صفائيءَ ۾ ڪجھہ ڳالهائي.


پر خداوند اسان کي سيکت ڏيئي اسان جي تربيت ٿو ڪري، تہ جيئن اسين دنيا سان گڏ گنهگار قرار نہ ڏنا وڃون.


سو اسين تيار آهيون تہ جڏهن اوهين پوريءَ طرح تابعدار ٿي ويندا، تڏهن اسين هر طرح جي نافرماني ڪندڙن کي سزا ڏينداسين.


آءٌ پنهنجي غيرحاضريءَ ۾ هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکان ٿو تہ جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي انهيءَ اختيار موجب اوهان تي سختي ڪرڻي نہ پوي، جيڪو خداوند عيسيٰ مون کي انهيءَ لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن اهو اوهان کي بگاڙڻ لاءِ نہ، پر بڻائڻ لاءِ ڪم آڻيان.


پر انهيءَ کي دشمن نہ سمجھو، بلڪ هم‌ايمان سمجھي کيس نصيحت ڪندا رهو.


آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو چاهيان جو هن کان اڳ ڪي رنون‌زالون گمراهہ ٿي شيطان جي پيروي ڪرڻ لڳيون آهن.


اهي ڳالهيون ماڻهن کي ياد ڏيار ۽ کين تاڪيد ڪر تہ اهي خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناهي. اٽلندو انهيءَ سان ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن.


انهن جي بڪواس ائين پکڙبي رهندي جيئن بدن ۾ ناسور پکڙبو آهي. همنيس ۽ فليتس اهڙن ئي ماڻهن مان آهن.


ڇاڪاڻ تہ ماڻهو خودغرض، پئسي جا پوڄاري، ٻٽاڪي، مغرور، ڪفر بڪندڙ، ماءُ پيءُ جا نافرمان، بي‌شڪرا ۽ خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙ هوندا.


اوهين انهيءَ همتائيندڙ نصيحت کي وساري ويٺا آهيو، جنهن ۾ اوهان کي ”منهنجا ٻچا“ چئي مخاطب ڪيو ويو آهي تہ ”اي منهنجا ٻچا! خداوند جي سيکت کي خسيس نہ سمجھہ، ۽ جڏهن هو تو کي تنبيهہ ڪري، تڏهن همت نہ هار.


پوءِ مون هڪڙي حيوان کي سمنڊ مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. سندس هر سڱ تي هڪ تاج هو ۽ سندس هر مٿي تي ڪفر جو هڪ نالو لکيل هو.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي تنبيهہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ