Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 9:26 - Muslim Sindhi Bible

26 صبح جو پرهہ ڦٽڻ مهل هو سجاگ ٿيا. تڏهن سموئيل سائول کي ڇت تي سڏ ڪري چيو تہ ”هلو، تہ آءٌ توهان کي اڳڀرو ڪري اچان.“ پوءِ هو اٿيا ۽ سموئيل سان گڏ ٻاهر نڪري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ هو سوير اُٿيا: ۽ سج اُڀرڻ مهل هيئن ٿيو تہ سموئيل گهر جي کڏ تي سائول وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ اُٿ تہ آءٌ توکي روانو ڪريان. تڏهن سائول اُٿيو، ۽ هو، ۽ سموئيل، ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 9:26
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ لوط پنهنجن ڄاٽن وٽ ويو جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي. انهن کي چيائين تہ ”جلدي ڪريو ۽ هتان نڪري هلو، ڇاڪاڻ تہ خداوند هيءُ شهر برباد ڪندو.“ پر انهن سمجھيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.


جڏهن هو شهر مان نڪري اڃا ٿورو ئي پري ويا تہ يوسف پنهنجي منتظم کي چيو تہ ”اُٿي هنن ماڻهن جي پٺيان وڃ. جڏهن تون کين پهچين تڏهن چئجان تہ ’اوهان نيڪيءَ جي بدلي بدي ڇو ڪئي آهي؟ اوهان ڇو منهنجي مالڪ جو پيالو چورايو آهي؟


سو تون اُٿ ۽ وڃي ماڻهن کي پاڪ ڪر. کين چئُہ تہ سڀاڻي منهنجي اڳيان اچڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪن. آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا هيئن چوان ٿو تہ ’اي بني اسرائيل! اوهان وٽ فنا ڪرڻ لاءِ ڪي مخصوص شيون آهن. جيستائين اوهين اهي پاڻ وٽان ڪڍي نہ ڇڏيندا تيستائين اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان بيهي ڪين سگھندا.‘


هن کيس چيو تہ ”اُٿ تہ هلون.“ پر ڪوبہ جواب ڪونہ مليس. پوءِ هن انهيءَ کي کڻي گڏهہ تي رکيو ۽ پنهنجي گھر ڏانهن راهي ٿيو.


جڏهن هو انهيءَ ٽڪر واري قربان‌گاهہ کان لهي شهر ۾ آيا، تڏهن سموئيل رات جي وقت گھر جي ڇت تي ويهي سائول سان گفتگو ڪيو.


جڏهن هو لهي شهر کان ٻاهر اچي پهتا، تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ ”پنهنجي نوڪر کي چئُہ تہ هو اسان کان ٿورو اڳتي هلي.“ تڏهن نوڪر ائين ئي ڪيو. پوءِ سموئيل وڌيڪ چيس تہ ”هاڻي تون ڪجھہ دير هتي بيهہ تہ آءٌ تو کي خدا جو پيغام ٻڌايان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ