Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 9:17 - Muslim Sindhi Bible

17 سو سموئيل جڏهن سائول کي ڏٺو تڏهن خداوند کيس چيو تہ ”هي اهو ئي ماڻهو آهي، جنهن جو مون تو سان ذڪر ڪيو هو. اهو ئي ماڻهو منهنجيءَ قوم تي حڪمراني ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ جڏهن سموئيل سائول کي ڏٺو تڏهن خداوند هن کي چيو تہ جنهن ماڻهوءَ جو مون توسان ذڪر ڪيو هو، سو ڏس! اهو ساڳيو منهنجي قوم تي حڪم هلائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 9:17
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هيئن ڪيم جو سبت جي شروعات کان ئي يعني سج لهڻ وقت مون حڪم ڏنو تہ يروشلم شهر جا دروازا بند ڪيا وڃن ۽ سبت جي پوري ٿيڻ تائين نہ کوليا وڃن. مون پنهنجي ماڻهن مان ڪن کي دروازن تي بيهاري ڇڏيو تہ جيئن سبت جي ڏينهن ڪوبہ ماڻهو ڪو بار کڻي اندر نہ اچي.


تڏهن مون انهن کي ڇينڀيو ۽ مٿن ڦٽ‌لعنت ڪيم. مون انهن مان ڪن ماڻهن کي مار بہ ڏني ۽ سندن وار بہ پٽيا. مون کانئن خدا جو قسم کڻائي واعدو ورتو تہ ”آئيندہ اسين پنهنجيون ڌيئرون ڌارين جي پٽن کي پرڻائي نہ ڏينداسون ۽ نہ وري اسين هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پنهنجي پرڻي لاءِ وٺنداسون.


سو خداوند جي فرمان موجب منهنجو سؤٽ حنم‌ايل انهيءَ اڱڻ واري ڪمري ۾ مون وٽ آيو ۽ مون کي چيائين تہ ”منهنجي جيڪا ٻني بنيامين جي علائقي ۾ عنتوت شهر ۾ آهي، سا تون پنهنجي لاءِ خريد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها اباڻي ٻني خريد ڪرڻ جو حق تنهنجو ئي آهي.“ مون ڄاتو ٿي تہ اهو خداوند جو حڪم آهي،


تڏهن مون غصي ۾ اچي اوهان کي بادشاهہ ڏنا، ۽ پوءِ پنهنجي غضب وچان انهن کي بہ هٽائي ڇڏيو.


تڏهن هنن بادشاهہ جي گھُر ڪئي ۽ خدا بنيامين قبيلي مان قيش جي پٽ سائول کي سندن بادشاهہ مقرر ڪيو، جنهن چاليهن سالن تائين حڪومت ڪئي.


مون کيس اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ آءٌ سندس پٽن جي بدڪاري، جنهن جي کيس خبر هئي پر هن کين انهيءَ کان ڪين روڪيو، تنهن جي ڪري سندس گھراڻي کي هميشہ جي لاءِ سزا ڏيڻ وارو آهيان. سندس پٽن منهنجي غضب کي پنهنجو پاڻ سڏيو آهي.


تڏهن سائول شهر جي ٻاهرين ئي در تي سموئيل جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ غيبدان جو گھر ڪٿي آهي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ