Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 9:15 - Muslim Sindhi Bible

15 جڏهن تہ سائول جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳي خداوند سموئيل تي ظاهر ڪري ڇڏيو هو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 هاڻي سائول جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳي خداوند سموئيل کي خبر ڏني، ۽ چيائينس تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 9:15
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تو ئي تہ پنهنجي هن ٻانهي کي ظاهر ڪري ٻڌايو آهي تہ تون منهنجي لاءِ هڪڙو بادشاهي گھراڻو قائم ڪندين. اهو ئي سبب آهي جو تنهنجي هن ٻانهي جي دل ۾ همت آئي تہ تو کان هيءَ دعا گھري.


ان وقت هو ماڻهن جا ڪن کولي ٿو، ۽ تنبيهہ ڪري کين ڊيڄاري ٿو،


اي خداوند! جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن، تن کي تون پنهنجي راز ۾ شامل ٿو ڪرين، ۽ انهن سان ٻڌل پنهنجو عهد پورو ڪرين ٿو.


بيشڪ خداوند خدا تيستائين ڪجھہ نہ ٿو ڪري، جيستائين هو پنهنجو ڳجھہ پنهنجي بندن نبين تي ظاهر نہ ٿو ڪري.


تڏهن هنن بادشاهہ جي گھُر ڪئي ۽ خدا بنيامين قبيلي مان قيش جي پٽ سائول کي سندن بادشاهہ مقرر ڪيو، جنهن چاليهن سالن تائين حڪومت ڪئي.


ڏسو، جنهن خدا جو آءٌ ٻانهو آهيان ۽ جنهن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنهن جو ملائڪ رات منهنجي ڀرسان ظاهر ٿيو


سموئيل سائول کي چيو تہ ”خداوند مون کي ئي موڪليو هو تہ آءٌ تو کي مسح ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ تون سندس قوم بني اسرائيل جو بادشاهہ ٿئين. تنهنڪري هاڻي تون خداوند جو فرمان ٻڌ.


يونتن چيس تہ ”خدا نہ ڪري جو تون مرين! ڏس، منهنجو پيءُ ڪوبہ وڏو يا ننڍو ڪم مون کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪين ڪندو آهي. پوءِ ڀلا اها ڳالهہ مون کان ڇو لڪائيندو؟ ائين ڪين هوندو.“


خداوند سيلا شهر ۾ ڳالهائڻ جي وسيلي پنهنجو پاڻ کي سموئيل تي ظاهر ڪندو رهيو. سموئيل جون اهي ڳالهيون بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن تائين وڃي پهتيون.


تڏهن هو ٻئي مٿي شهر ڏانهن چڙهي ويا. جيئن ئي هو شهر ۾ داخل ٿيا، تيئن ئي سموئيل کي پنهنجي سامهون ايندو ڏٺائون، جيڪو ٽڪر واري قربان‌گاهہ ڏانهن وڃي رهيو هو.


سو سموئيل جڏهن سائول کي ڏٺو تڏهن خداوند کيس چيو تہ ”هي اهو ئي ماڻهو آهي، جنهن جو مون تو سان ذڪر ڪيو هو. اهو ئي ماڻهو منهنجيءَ قوم تي حڪمراني ڪندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ