Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 8:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پر هن جا پٽ سندس راهہ تي نہ هليا، بلڪ هو لالچ ۾ پئجي گمراهہ ٿي ويا ۽ رشوتون وٺي بي‌انصافي ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ هن جا پٽ هن جي نموني تي نہ هليا، پر جوفي جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿي ويا، ۽ رشوتون وٺڻ لڳا، ۽ بي انصافي ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 8:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابي‌سلوم وڌيڪ ائين بہ چوندو هو تہ ”جيڪر آءٌ هن ملڪ ۾ جج مقرر هجان ها تہ چڱو هو، جو جنهن بہ ماڻهوءَ جو ڪو مقدمو يا معاملو هجي ها، سو مون وٽ اچي ها تہ آءٌ انهيءَ جو انصاف ڪريان ها.“


هو ڪنهن کي اڌارا پئسا ڏيئي کانئس وياج نہ ٿا وٺن، نڪي هو ڪنهن بي‌ڏوهيءَ جي خلاف ڪا رشوت ٿا وٺن. جيڪي اهڙا چڱا ڪم ڪن ٿا، تن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ ايندو.


اهي ماڻهو بدڪاريءَ منجھہ ٻڏل آهن، ۽ سندن هٿ رشوتن ۾ رنڱيل آهن.


انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ جن کي خدا جو خوف هجي، جي سچار هجن ۽ کين ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت هجي. انهن کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن ۽ ڏهن ڏهن ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪر.


اوهين ڪنهن غريب سان سندس معاملي ۾ ناحق نہ ڪريو.


اوهين رشوت نہ وٺو، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.


ڇاڪاڻ تہ ڪنهن کي خبر تہ اهي منهنجا وارث ڏاها هوندا يا بي‌عقل؟ انهيءَ هوندي بہ جيڪي مون هن دنيا ۾ سخت محنت ۽ ڏاهپ سان حاصل ڪيو آهي تنهن جا اهي مالڪ بڻجي ويندا. تہ پوءِ اهو زندگيءَ جو راز سمجھہ کان مٿاهون آهي.


تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رنن‌زالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.


پر اي يروشلم وارؤ! اوهين تڏهن بچي سگھو ٿا، جڏهن اوهان جا قول ۽ فعل حق تي ٻڌل هوندا، جڏهن اوهين ظلم جي وسيلي نفعو حاصل ڪرڻ کان نفرت ڪندا، جڏهن اوهين رشوت کي ٿُڏي ڇڏيندا، جڏهن اوهين خونريزيءَ جي منصوبن ۾ شريڪ نہ ٿيندا، ۽ هر قسم جي بڇڙاين کان پري رهندا.


اوهان جا عملدار رشوت وٺي ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن. اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين، ۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن. انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ ”خداوند اسان سان گڏ آهي، سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“


اهي ڪنهن سان ناانصافي نہ ڪن، نڪي ڪنهن جو لحاظ ڪن ۽ نہ وري رشوت وٺن، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي بہ انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرايو ڇڏي.


هو نشئي نہ هجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ حليم هجي. هو جھيڙو ڪندڙ يا پئسي جو لالچي نہ هجي.


ياد رکو، پئسي سان پيار رکڻ هر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آهي. ڪي ماڻهو دولت جي خواهش ۾ پئجي ايمان کان ڀٽڪي ويا آهن ۽ پاڻ کي طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿائون.


هاڻي ڏسو، اوهان کي بادشاهہ آهي جيڪو اوهان جي اڳواڻي ڪندو. آءٌ پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ منهنجو مٿو بہ اڇو ٿي ويو آهي. پر منهنجا پٽ اوهان سان گڏ آهن. مون ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اوهان جي اڳواڻي پئي ڪئي آهي.


آءٌ پنهنجي لاءِ هڪڙو ٻيو ايماندار ڪاهن مقرر ڪندس جيڪو منهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو. آءٌ انهيءَ جي گھراڻي کي قائم ڪندس ۽ اهي منهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان هميشہ خدمت ڪندا رهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ