17 هو اوهان جي رڍن ٻڪرين جو ڏهون حصو وٺندو ۽ اوهين پاڻ سندس غلام ٿيندا.
17 هو اوهانجن گلن جو ڏهون حصو وٺندو: ۽ اوهين هن جا غلام ٿيندا.
”توهان جي پيءُ اسان سان سخت سلوڪ ڪيو هو ۽ اسان تي ڳري پاڃاري رکيائين. جيڪڏهن توهان اهي ڳرا ٻوجھہ هلڪا ڪندا تہ اسين توهان جي خدمت ڪندا رهنداسين.“
ابراهيم هن کي مالِغنيمت جي سڀني شين جو ڏهون حصو ڏنو. ملڪِصدق پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب ”سچائيءَ جو بادشاهہ“ آهي. پر جيئن تہ هو سالم شهر جو بادشاهہ بہ آهي ۽ سالم لفظ جي معنيٰ آهي سلامتي، سو هو ”سلامتيءَ جو بادشاهہ“ بہ آهي.
جالوت اچي بيٺو ۽ بني اسرائيل کي للڪاري چوڻ لڳو تہ ”اوهين جنگ جي لاءِ رڳو صفون ٻڌي ڇو بيهي رهيا آهيو؟ ڇا آءٌ فلستي ناهيان؟ ۽ ڇا اوهين سائول جا غلام ڪين آهيو؟ اوهين پاڻ منجھان هڪڙو ماڻهو چونڊي ڪڍو، جيڪو مون سان اچي مقابلو ڪري.
هو اوهان جا ٻانها، ٻانهيون، چڱا ڍور ڍڳا ۽ اوهان جا گڏهہ کسي پنهنجي ڪم آڻيندو.
تڏهن اوهين انهيءَ بادشاهہ جي ڪري، جنهن کي اوهان پنهنجي لاءِ چونڊيو هوندو دانهون ڪندا. پر انهيءَ ڏينهن خداوند اوهان جي ڪين ٻڌندو.“