13 هو اوهان جي ڌيئرن کي عطر ٺاهڻ، کاڌو رڌڻ ۽ مانين پچائڻ جي ڪم تي لڳائيندو.
13 ۽ هو اوهانجين ڌيئرن کي مٺاين جوڙڻ، ۽ طعام رڌڻ، ۽ مانين پچائڻ جي ڪم ۾ لڳائيندو.
انهن مان ڪن کي هو پنهنجي لاءِ هزار هزار ماڻهن جو سالار ۽ ڪن کي پنجاهہ پنجاهہ ماڻهن جو سالار مقرر ڪندو. ڪن کي هو هر هلائڻ، فصل لڻڻ، جنگ جي هٿيارن جوڙڻ ۽ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏين جي اوزارن ٺاهڻ لاءِ مقرر ڪندو.
هو اوهان جون تمام ڀليون ٻنيون، اوهان جا انگورن جا باغ ۽ اوهان جا زيتونن جا باغ اوهان کان کسي پنهنجي خدمتگارن کي ڏيئي ڇڏيندو.