Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 7:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ دل سان خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿا ٿيو، تہ پوءِ ڌارين معبودن ۽ عستارات ديويءَ جي مورتين کي پاڻ وٽان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي دل سان خداوند جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو. تڏهن ئي هو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ سموئيل اسرائيل جي ساري گهراڻي کي چيو تہ اوهين جيڪڏهن پنهنجي سچي دل سان خداوند ڏانهن موٽو تہ ڌارين معبودن کي، ۽ عستارات کي، پاڻ منجهان ڪڍي اُڇلائي ڇڏيو، ۽ پنهنجين دلين کي خداوند جي لاءِ تيار ڪريو، ۽ فقط انهي جي بندگي ڪريو: تہ اُهو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 7:3
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو يعقوب پنهنجي گھراڻي ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ هئا، تن سڀني کي چيو تہ ”اوهان وٽ جيڪي بہ بت آهن تن کي اڇلائي ڇڏيو ۽ پاڻ کي پاڪ ڪري پنهنجا ڪپڙا بدلايو.


اهو انهيءَ ڪري جو هن مون کي ڇڏي صيدانين جي ديوي عستارات، موآب جي ديوتا ڪموس ۽ بني عمون جي ديوتا مولڪ جي پوڄا ڪئي. هو منهنجي واٽن تي ڪونہ هليو نڪي اُهو ڪيائين جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي ۽ نہ وري منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيائين جيئن سندس پيءُ دائود ڪندو رهيو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي ئي عبادت ڪجو ۽ اهو ئي اوهان کي اوهان جي سڀني دشمنن جي هٿان ڇڏائيندو.“


تنهن کان سواءِ يوسياہ اسرائيل ملڪ ڏانهن وڃي اتان جي بيت‌ايل واري غير معبودن جي قربان‌گاهہ ۽ اسرائيل وارن کي گناهن ۾ ڌوڪيندڙ يربعام ولد نباط جي جوڙايل ٽڪر واري پوڄا گھر کي بلڪل ڊهرائي ڇڏيو. هائو، هن اهو پوڄا گھر ساڙائي ۽ لتاڙائي خاڪ ڪرائي ڇڏيو ۽ يسيرہ وارا ٿنڀا پڻ ساڙائي ڇڏيائين.


هاڻ اوهين پنهنجي دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو. هاڻ اُٿو ۽ خداوند خدا جي لاءِ هڪ عبادت‌گاهہ ٺاهيو، تہ جيئن اوهان خداوند جي عهد واري صندوق ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ آڻي انهيءَ گھر ۾ رکي سگھو، جيڪو خداوند جي نالي تي تعمير ڪيو ويندو.“


دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


انهيءَ هوندي بہ تو ۾ ڪي ڳالهيون چڱيون آهن جو تو هن ملڪ مان يسيرہ ديويءَ نالي ٿنڀن کي ڊاهي چٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ماڻهو پوڄا ڪندا هئا. انهيءَ کان علاوہ تو خداوند جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.“


انهيءَ هوندي بہ ماڻهن جون دليون سندن ابن ڏاڏن جي خدا ڏانهن مائل نہ ٿيون ۽ نہ وري غير معبودن جا پوڄا گھر ڊهرايا ويا.


جيڪي تو خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا جا پنهنجي دل وَ جان سان طالبو آهن، توڙي جو اهي هيڪل جي قانونن موجب پاڪ نہ ٿيا هجن.“


انسان پنهنجيءَ دل ۾ ڪهڙا بہ منصوبا جوڙي ٿو، مگر سندس زبان مان اهو ئي ٿو نڪري، جيڪو خداوند چاهي ٿو.


شرير ماڻهو پنهنجو رستو تبديل ڪن، ۽ بدڪار ماڻهو پنهنجا خيال بدلائين. اهي خداوند، اسان جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿين، تہ هو مٿن رحم ڪندو. بيشڪ اهو بيحد معاف ڪندڙ آهي.


آءٌ انهن کي اهڙي دل ڏيندس جو هو مون کي سڃاڻين تہ آءٌ خداوند آهيان. تڏهن هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ ئي هنن جو خدا هوندس، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا.


ٿي سگھي ٿو جڏهن يهوداہ وارا ان سڄي مصيبت بابت ٻڌن جيڪا آءٌ مٿن آڻڻ جو ارادو رکان ٿو، تڏهن اهي سڀيئي پنهنجي بڇڙين واٽن کان مڙي پون. پوءِ آءٌ انهن جي بڇڙائي ۽ گناهہ معاف ڪري ڇڏيندس.“


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! جيڪڏهن اوهين توبهہ ڪندءُ، هائو، جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندءُ، جيڪڏهن اوهين انهن نفرت ڏياريندڙ بتن کي پنهنجي اڳيان هٽائي ڇڏيندءُ، منهنجا فرمانبردار ٿيندءُ،


تنهنڪري هاڻي اي حزقي‌ايل! تون سڄي بني اسرائيل کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اوهين توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي ڪراهت جهڙن بتن کان منهن موڙي ڇڏيو.


جن گناهن ڪرڻ ڪري اوهين گنهگار بڻيا آهيو، تن سڀني کان پاڻ کي پري رکو. اوهين پنهنجي سوچ بدلائي نئين دل ۽ نئون ذهن پيدا ڪريو. اي بني اسرائيل! ڇو اوهين مرڻ ٿا گھرو؟


اي اسرائيل وارؤ! اوهان جي بدڪاريءَ ئي اوهان کي ٿاٻو ڏيئي ڪيرايو آهي، تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو.


’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي عزت ڏين ٿا، پر دل سان نہ ٿا چاهين.


تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


”ڪوبہ ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان محبت تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.


تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون رڳو خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


خدا روح آهي، سو اهو ضروري آهي تہ عبادت ڪندڙ پاڪ روح ۽ سچ جي پيروي ڪندي سندس عبادت ڪن.“


اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، رڳو سندس ئي عبادت ڪريو، ساڻس ئي چُهٽيل رهو ۽ سندس ئي نالي جو قسم کڻو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف رکندي سندس راهہ تي هلجو. هائو، سندس حڪمن تي عمل ڪجو، سندس ڳالهہ ٻڌجو، سندس ئي عبادت ڪجو ۽ ساڻس ئي چُهٽيل رهجو.


پر اتي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا تہ هو اوهان سان پرچي پوندو، پر شرط هي آهي تہ اوهين پوريءَ دل وَ جان سان سندس طالبو ٿيو.


بلڪ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، انهيءَ جي ئي عبادت ڪجو ۽ انهيءَ جي ئي نالي جو قسم کڻجو.


منجھس اڌ جِلعاد، عستارات ۽ ادرعي، جيڪي بسن ۾ عوج جي بادشاهت جا گاديءَ وارا شهر هئا، سي پڻ شامل هئا. اهي سڀ منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد جي اڌ گھراڻن کي ڏنا ويا.


يشوع پنهنجي ڳالهہ جاري رکندي وڌيڪ چيو تہ ”سو هاڻ اوهين خداوند جو خوف رکو ۽ سچي نيت ۽ وفاداريءَ سان سندس عبادت ڪريو. جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ۽ مصر ۾ پوڄا ڪندا هئا تن کي اوهين اڇلائي ڇڏيو ۽ رڳو خداوند جي عبادت ڪريو.


تنهن تي هن کين چيو تہ ”چڱو هاڻي اهي ڌاريا معبود جيڪي اوهان وٽ آهن سي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي دل خداوند، بني اسرائيل جي خدا سان لڳايو.“


پوءِ هو پنهنجن ڌارين معبودن کان جند ڇڏائي خداوند جي عبادت ڪرڻ ۾ لڳي ويا. بني اسرائيل جو برو حال خداوند کان وڌيڪ ڏٺو نہ ٿيو.


بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو بعل ۽ عستارات معبودن ۽ ارام، صيدا، موآب، بني عمون ۽ فلستين جي معبودن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن خداوند کان منهن موڙيو ۽ سندس عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏنائون.


پوءِ بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ هو بعل ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


هو خداوند کي ڇڏي بعل ديوتائن ۽ عستارات ديوين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


هنن اها زرهہ عستارات ديويءَ جي مندر ۾ رکي ۽ سائول جو لاش بيت‌شان شهر جي ديوار سان سوگھو ٻڌي ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ