Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 7:17 - Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ هو رامہ شهر ۾ موٽي ايندو هو، ڇاڪاڻ تہ سندس گھر اُتي هو. اتي پڻ هو بني اسرائيل ۾ عدالت ڪندو هو ۽ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ هو رامہ ۾ موٽي ايندو هو، ڇالاءِ جو سندس گهر اُتي هو؛ ۽ اُتي هو اسرائيل جو قاضي هو: ۽ اُتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 7:17
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي، جنهن جو نالو ايل ايلاسرائيل رکيائين.


هن اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ انهيءَ جاءِ جو نالو ”ايل بيت‌ايل“ رکيائين، ڇو تہ جڏهن هو پنهنجي ڀاءُ جي ڊپ کان ڀڳو ٿي ويو تڏهن انهيءَ ئي جاءِ تي خدا کيس ڏيکاري ڏني هئي.


هو لنگھہ کان گذري ويا آهن، ۽ جِبع شهر ۾ رات رهي پيا آهن. رامہ جا رهاڪو خوف وچان ڏڪي رهيا آهن، بادشاهہ سائول جي شهر جِبعت جا ماڻهو ڀڄي نڪتا آهن.


هوءَ افرائيم جي جابلو علائقي ۾، رامہ ۽ بيت‌ايل شهرن جي وچ ۾ هڪڙي کجيءَ جي وڻ هيٺان ويهندي هئي ۽ بني اسرائيل اتي وٽس اچي فيصلا ڪرائيندا هئا.


تڏهن جِدعون اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ‌سلوم رکيائين. اها اڄ ڏينهن تائين ابيعزر واري گھراڻي جي ڳوٺ عفرہ ۾ موجود آهي.


افرائيم جي جابلو علائقي جي رامہ شهر ۾ افرائيم قبيلي جي صوف گھراڻي جو القانہ نالي هڪڙو شخص رهندو هو. سندس پيءُ جو نالو يروحام ولد اليهو ولد توحو ولد صوف هو.


ٻئي ڏينهن القانہ ۽ سندس ڪٽنب وارا صبح جو سوير اٿيا ۽ خداوند جي حضور ۾ سجدو ڪيائون. پوءِ هو رامہ شهر ۾ پنهنجي گھر موٽي آيا. القانہ پنهنجيءَ زال حنہ وٽ ويو ۽ خداوند حنہ جي دعا پوري ڪئي.


سو اهي سڀيئي ماڻهو جِلجال ڏانهن ويا ۽ اتي هنن خداوند جي حضور ۾ سائول جي بادشاهيءَ کي تسليم ڪيو. اتي ئي هنن خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون ۽ سائول ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن اتي ڏاڍيون خوشيون ملهايون.


سائول خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺهرائي. اها ئي پهرين قربان‌گاهہ هئي، جيڪا هن خداوند جي لاءِ ٺهرائي.


ان کان پوءِ سموئيل رامہ شهر ڏانهن هليو ويو ۽ سائول پنهنجي گھر جِبعت شهر ڏانهن روانو ٿيو.


پوءِ القانہ موٽي رامہ شهر ڏانهن پنهنجي گھر ويو، پر اهو ٻار عيلي ڪاهن جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو رهيو.


انهيءَ عرصي دوران سموئيل وفات ڪري چڪو هو ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن سندس لاءِ سوڳ ڪندي کيس سندس ئي شهر رامہ ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو. ان وچ ۾ سائول سڀني ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن کي ملڪ مان ختم ڪرائي ڇڏيو هو.


تڏهن بني اسرائيل جا سمورا اڳواڻ گڏ ٿي رامہ شهر ۾ سموئيل وٽ آيا.


ڇوڪرين ورندي ڏيئي چيو تہ ”هائو، هو هتي آهي ۽ بلڪل اوهان جي سامهون آهي. اوهين شهر ۾ داخل ٿيڻ شرط ساڻس ملي سگھندا. هو اڄ ئي شهر ۾ آيو آهي، ڇاڪاڻ تہ ٽڪر واري قربان‌گاهہ تي ماڻهن کي قرباني ڪرڻي آهي. انهيءَ کان اڳ جو هو ٽڪر واري قربان‌گاهہ تي دعوت کائڻ لاءِ نڪري وڃي اوهين جلدي ساڻس وڃي ملو. ماڻهو تيستائين کائڻ شروع نہ ڪندا جيستائين هو نہ پهچي، ڇاڪاڻ تہ هو قربانيءَ تي دعا گھرندو آهي، تنهن کان پوءِ دعوت ۾ آيل مهمان کائيندا آهن. تنهنڪري اوهين هينئر ئي مٿي چڙهي ويندا تہ هو اوهان کي ملي ويندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ