Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 7:14 - Muslim Sindhi Bible

14 عقرون کان وٺي جات تائين جيڪي بہ شهر فلستين بني اسرائيل کان کسيا هئا، سي بني اسرائيل کي وري موٽي مليا. بني اسرائيل پنهنجيون سرحدون فلستين جي هٿان ڇڏائي ورتيون. بني اسرائيل ۽ امورين جي وچ ۾ صلح ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ جيڪي شهر فلستين اسرائيل کان ورتا هئا سي اسرائيل کي موٽائي ڏنا ويا، عقرون کان وٺي جات تائين؛ ۽ انهي جي سرحد اسرائيل فلستين جي هٿان ڇڏائي. پوءِ اسرائيل ۽ امورين جي وچ ۾ صلح ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 7:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪجھہ وقت کان پوءِ دائود فلستين کي شڪست ڏيئي پنهنجي تابع ڪيو ۽ جات شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت فلستين کان ڇڏائي پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين.


بني اسرائيل انهن غير قومن کي بہ ناس نہ ڪيو، جن جي ناس ڪرڻ جو حڪم کين خداوند ڏنو هو.


انهيءَ ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن. حتي، يبوسي ۽ اموري جابلو علائقي ۾ ٿا رهن. ڀونوچ سمنڊ واري پاسي ۽ اردن درياءَ جي ڪناري سان ڪنعاني ٿا رهن.“


اوهين انهن سڀني قومن کي جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي حوالي ڪندو، نابود ڪري ڇڏجو. اوهين انهن تي ڪوبہ قياس نہ ڪجو، نڪي انهن جي معبودن جي پوڄا ڪجو. ائين نہ ٿئي جو اهي اوهان جي لاءِ ڦندو ثابت ٿين.


پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي حوالي ڪري ۽ اوهين انهن کي شڪست ڏيو، تڏهن کين بلڪل نابود ڪري ڇڏجو. ساڻن ڪو عهد نہ ڪجو، نڪي مٿن رحم ڪجو.


تنهنڪري امورين جي پنجن ئي بادشاهن، يعني يروشلم، حبرون، يرموت، لڪيس ۽ عجلون جي بادشاهن پنهنجيون فوجون گڏ ڪيون. پوءِ هنن وڃي جِبعون کي گھيري هيٺ آندو ۽ مٿس حملو ڪيو.


پوءِ اتان عقرون جي اترينءَ لاهيءَ ڏانهن وڃي سڪرون ڏانهن ڦري ۽ بعلہ جبل وٽان لنگھي يبني‌ايل وٽ پهتي. اها سرحد ڀُونوِچ سمنڊ تي ختم ٿي


هيڏانهن سيسرا پيادو ڀڄندو اچي حبر قينيءَ جي زال ياعيل جي تنبوءَ وٽ پهتو، ڇاڪاڻ تہ حصور جي بادشاهہ يابين ۽ حبر قينيءَ جي گھراڻي جي وچ ۾ صلح هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ