Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 6:16 - Muslim Sindhi Bible

16 فلستين جي پنجن ئي سردارن کين اهو سڀ ڪندي ڏٺو ۽ پوءِ هو انهيءَ ساڳئي ڏينهن عقرون ڏانهن موٽي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ جڏهن فلستين جي پنجن سردارن اهو ڏٺو تڏهن هو اُنهي ساڳئي ڏينهن عقرون ڏي موٽي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 6:16
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سيحور ندي جيڪا مصر جي اوڀر ۾ آهي تنهن کان وٺي اتر ڏانهن عقرون جي سرحد تائين، اهو سمورو علائقو ڪنعانين جو ليکيو ويندو آهي يعني فلستين جي پنجن سردارن غزي، اشدودي، اسقلوني، جاتي ۽ عقروني وارو علائقو ۽ ڏکڻ ۾ عويم جو علائقو پڻ.


فلستين جا سردار انهيءَ عورت وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”تون سمسون کي ڌتاري کانئس پڇ تہ سندس هيتري طاقت جو راز ڇا آهي. اسين ڪهڙيءَ طرح مٿس غالب پئون ۽ کيس ٻڌي بي‌وس بڻايون. تڏهن اسان مان هر هڪ تو کي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا ڏيندو.“


جن قومن کي ڇڏيو ويو سي هي هيون: فلستين جا پنج سردار، سمورا ڪنعاني، صيداني ۽ حوي جيڪي لبنان جبلن جي قطار ۾ بعل‌حرمون جبل کان وٺي حمات لڪ تائين رهندا هئا.


تڏهن وري هنن خدا جي عهد واري صندوق عقرون شهر ڏانهن موڪلي ڏني. جيئن ئي اها عقرون ۾ پهتي تہ اُتي جا ماڻهو رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”هنن بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق اسان کي ۽ اسان جي قوم کي مارڻ لاءِ اسان وٽ آندي آهي.“


تڏهن اهي ڳئون سنئون سڌو رستو وٺي بيت‌شمس ڏانهن هليون. اهي شاهي رستي سان رنڀنديون ٿي ويون ۽ نہ ساڄي پاسي ڦريون نہ وري کاٻي پاسي. فلستين جا سردار انهن جي پٺيان بيت‌شمس جي سرحد تائين ويا.


فلستين کانئن پڇيو تہ ”اسين ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ ڪهڙو نذرانو ڏيون؟“ هنن وراڻيو تہ ”فلستين جي سردارن جي تعداد موجب پنج سون مان ٺهيل ڳوڙهيون ۽ پنج سون مان ٺهيل ڪوئا موڪليو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي ۽ اوهان جا سردار انهيءَ هڪڙيءَ ئي آفت ۾ ڦاٿل آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ