Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 6:15 - Muslim Sindhi Bible

15 لاوين خداوند جي عهد واري صندوق ۽ ان سان گڏ رکيل اها پيتي بہ هيٺ لاٿي، جنهن ۾ سون جون شيون پيل هيون. هنن اُهي انهيءَ وڏي پٿر تي کڻي رکيون. پوءِ انهيءَ ساڳئي ئي ڏينهن بيت‌شمس جي ماڻهن خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ ٻيون قربانيون پيش ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ لاوين خداوند جي صندوق هيٺ لاٿي ۽ اُها پيتي بہ، جا اُن سان گڏ رکيل هئي، ۽ جنهن ۾ سون جا زيور پيا هئا؛ ۽ اُهي اُنهي وڏي پٿر تي کڻي رکيائون: ۽ انهي ساڳئي ڏينهن بيت شمس جي ماڻهن خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون چاڙهيون، ۽ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون ادا ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 6:15
3 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اُها بعلہ کان اولهہ طرف ادوم جي جابلو علائقي ڏانهن ڦِري ۽ اتان يعريم جبل يعني ڪسلون جي اترينءَ لاهيءَ کان ٿيندي بيت‌شمس ڏانهن لهي اڳتي تمنہ ڏانهن ٽپي ويئي.


۽ ماڻهن کي حڪم ڏنائون تہ ”جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندي ڏسو تڏهن اوهين منزل کڻي انهيءَ جي پٺيان هلجو.


هنن پنهنجي انهن ڪوٽ وارن شهرن جي تعداد جيترا سون مان ٺهيل ڪوئا پڻ موڪليا هئا. اهي سڀيئي شهر ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن سميت انهن پنجن ئي سردارن جي ملڪيت هئا. انهيءَ ڳالهہ جي شاهديءَ طور اهو وڏو پٿر جنهن تي خداوند جي عهد واري صندوق رکي ويئي هئي، سو اڄ ڏينهن تائين بيت‌شمس جي رهاڪو يشوع جي ٻنيءَ ۾ موجود آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ