Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 4:17 - Muslim Sindhi Bible

17 تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ٻڌايس تہ ”بني اسرائيل فلستين جي هٿان شڪست کاڌي ۽ ماڻهن ۾ تمام گھڻي خونريزي ٿي آهي. تنهنجا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس بہ مارجي ويا آهن ۽ خدا جي عهد واري صندوق بہ کسجي ويئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ جنهن خبر آندي هئي تنهن ورندي ڏيئي چيس، تہ اسرائيلي فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا، ۽ ماڻهن ۾ وڏو ڪوس ٿيو آهي، ۽ تنهنجا ٻئي پٽ، حفني ۽ فينحاس بہ مري ويا آهن، ۽ خدا جي صندوق بہ جهلجي ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 4:17
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن پنهنجي عهد واري صندوق کي دشمنن جي هٿن ۾ وڃڻ ڏنو، جيڪا سندس طاقت ۽ عظمت جي نشاني هئي.


انهن جي ڪاهنن ۾ پڻ اهڙي تہ خونريزي اچي پيئي، جو سندن رنون‌زالون هنن لاءِ روئي رڙي بہ نہ سگھيون.


جڏهن تنهنجا پٽ حفني ۽ فينحاس ٻئي هڪڙي ئي ڏينهن مري ويندا، تڏهن اها تنهنجي لاءِ نشاني هوندي تہ منهنجيون چيل ڳالهيون سچيون ثابت ٿينديون.


تڏهن خداوند سموئيل کي چيو تہ ”آءٌ بني اسرائيل ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪرڻ وارو آهيان، جنهن کي جيڪو بہ ٻڌندو تنهن جا ڪن وڄي ويندا.


انهيءَ ڏينهن آءٌ عيليءَ جي گھراڻي بابت پنهنجين سمورين چيل ڳالهين کي شروع کان وٺي آخر تائين عمل ۾ آڻيندس.


”آءٌ جنگ مان بچي اڄ ئي لشڪر مان ڀڄندو اچي هتي پهتو آهيان.“ عيليءَ پڇيس تہ ”منهنجا ٻچا! جنگ جو ڪهڙو حال آهي؟“


جيئن ئي هن خدا جي عهد واري صندوق جو ذڪر ڪيو تہ عيلي ڪرسيءَ جي پٺئين پاسي دروازي وٽ وڃي ڪريو. جيئن تہ هو پوڙهو ۽ ڳرو مڙس هو سو ڪرڻ سان سندس ڪنڌ ڀڄي پيو ۽ هو مري ويو. هو چاليهن سالن تائين بني اسرائيل جو رهبر رهندو آيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ