11 خدا جي عهد واري صندوق کسجي ويئي ۽ عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس مارجي ويا.
11 ۽ خدا جي صندوق جهلجي ويئي، ۽ عيلي جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس مارجي ويا.
پوءِ بہ هنن سرڪشي ڪندي خدا تعاليٰ کي آزمايو، ۽ سندس حڪمن تي عمل نہ ڪيائون.
انهن جي ڪاهنن ۾ پڻ اهڙي تہ خونريزي اچي پيئي، جو سندن رنونزالون هنن لاءِ روئي رڙي بہ نہ سگھيون.
پر ويل آهي بدڪارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن جي بڇڙائي سندن آڏو ايندي. هائو، هنن جيڪي ٻين سان ڪيو آهي سو ئي ساڻن ڪيو ويندو.
هاڻ اوهين ان هنڌ ڏانهن وڃو جيڪو سيلا ۾ آهي، جتي مون پنهنجي نالي سان پهرين رهائش اختيار ڪئي هئي. اوهين وڃي ڏسو تہ اُتي پنهنجي قوم بني اسرائيل سان مون سندن بڇڙائيءَ جي ڪري ڇا ڇا ڪيو.
ياد رک، اهي ڏينهن اچي رهيا آهن جڏهن آءٌ تنهنجي خاندان بلڪ تنهنجي نسل مان سڀني نوجوان ماڻهن کي ماري ڇڏيندس، جنهن ڪري تنهنجي گھراڻي ۾ ڪنهن جي بہ عمر وڏي نہ ٿيندي.
اها سڄي برڪت جيڪا آءٌ بني اسرائيل کي عطا ڪندس تنهن کي اوهين پريشان ٿي حسد وچان ڏسندا رهندا، پر اها اوهان کي حاصل نہ ٿيندي ۽ اوهان جي گھراڻي ۾ هميشہ جي لاءِ ڪنهن جي بہ عمر وڏي نہ ٿيندي.
جڏهن تنهنجا پٽ حفني ۽ فينحاس ٻئي هڪڙي ئي ڏينهن مري ويندا، تڏهن اها تنهنجي لاءِ نشاني هوندي تہ منهنجيون چيل ڳالهيون سچيون ثابت ٿينديون.
انهيءَ ڏينهن آءٌ عيليءَ جي گھراڻي بابت پنهنجين سمورين چيل ڳالهين کي شروع کان وٺي آخر تائين عمل ۾ آڻيندس.
هن پنهنجي پٽ جو نالو يڪبود يعني ”بني اسرائيل مان حشمت هلي ويئي“ رکيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي عهد واري صندوق کسجي ويئي هئي ۽ سندس سهرو ۽ مڙس بہ مارجي ويا هئا.