Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 31:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن انهن جا سمورا بهادر ماڻهو اٿيا ۽ راتو رات پنڌ ڪري بيت‌شان شهر ۾ وڃي پهتا، جتان چوريءَ سائول ۽ سندس پٽن جا لاش ديوار تان لاٿائون ۽ يبيس شهر ۾ موٽي اچي انهن کي ساڙي ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تڏهن سڀ بهادر مرد اُٿيا، ۽ ساري رات پنڌ ڪري وڃي سائول جي لاش، ۽ سندس پٽن جا لاشا بيت شان جي ديوار تان لاٿائون؛ ۽ يبيس ۾ اچي انهن کي ساڙي ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 31:12
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اتي جا سڀ بهادر مرد اٿيا ۽ سائول ۽ سندس پٽن جا لاش چوريءَ کڻي يبيس شهر ۾ آيا. هنن کين اتي شاهہ‌بلوط جي وڻ هيٺ دفن ڪيو ۽ ستن ڏينهن تائين روزو رکيائون.


هن کي انهيءَ قبر ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ تيار ڪرائي ڇڏي هئي. هن کي انهيءَ بستري تي کڻي سمهاريائون جيڪو خوشبوين ۽ قسم قسم جي مصالحن سان ڀريل هو ۽ هن جي اعزاز ۾ تمام وڏو مچ ٻاريو ويو.


بلڪ تون طبعي موت مرندين. پوءِ جيئن تنهنجي ابن ڏاڏن يعني تو کان اڳوڻن بادشاهن جي مان ۾ لوبان ساڙيو ويندو هو، تيئن تنهنجي لاءِ بہ ساڙيو ويندو. تنهنجي لاءِ هيئن چئي رنو رڙيو ويندو تہ ’هاءِ! اسان جا آقا!‘ آءٌ خداوند پاڻ اهو واعدو ڪريان ٿو.“


جڏهن مئل ماڻهوءَ جا ڪي مائٽ سندس لاش گھر مان کڻڻ لاءِ ايندا، تڏهن جيڪو گھر جي اندرين حصي ۾ مرڻ کان بچي ويل هوندو، تنهن کان پڇندا تہ ”ڪو ٻيو بہ تو سان گڏ آهي ڇا؟“ جڏهن ورندي ملندن تہ ”نہ،“ تڏهن کيس چوندا تہ ”خاموش رهجانءِ. خداوند جو نالو بہ نہ وٺجانءِ متان مصيبت وري موٽي اچي.“


هنن اها زرهہ عستارات ديويءَ جي مندر ۾ رکي ۽ سائول جو لاش بيت‌شان شهر جي ديوار سان سوگھو ٻڌي ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ