1.سموئيل 31:1 - Muslim Sindhi Bible1 هوڏانهن فلستين جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪئي. اتي بني اسرائيل جا گھڻا ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪجھہ ڀڄي نڪتا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 هاڻي فلستي اسرائيل سان وڙهيا: ۽ اسرائيل جا ماڻهو فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا ۽ جلبوعہ جبل تي قتل ٿي ڪري پيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ ”تو ڇو منهنجو آرام ڦٽايو آهي جو مون کي مٿي سڏايو اٿيئي؟“ سائول ورندي ڏنس تہ ”آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ آهيان، ڇاڪاڻ تہ فلستي مون سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن ۽ خدا بہ مون کي ڇڏي ڏنو آهي. هو مون کي ڪابہ ورندي نہ ٿو ڏئي، نہ نبين جي وسيلي ۽ نہ وري خوابن جي رستي. تنهنڪري مون تو کي سڏايو آهي تہ مون کي ٻڌاءِ تہ آءٌ هاڻي ڇا ڪريان؟“