Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:8 - Muslim Sindhi Bible

8 دائود خداوند کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ انهيءَ لشڪر جو پيڇو ڪريان تہ انهيءَ کي پهچي سگھندس يا نہ؟“ خداوند وراڻيس تہ ”پيڇو ڪر، تون ضرور انهن کي وڃي پهچندين ۽ کانئن سڀ ڪجھہ ڇڏائي وٺندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ دائود خداوند کي سوال ڪري چيو تہ جيڪڏهن آءٌ هن لشڪر جي پٺيان پوندس تہ انهي کي پهچي سگهندس يا نہ؟ ۽ هن جواب ڏنس تہ پٺيان پئين: جو تون ضرور وڃي پهچندين، ۽ يقيناً سڀ ڪجهہ انهن کان وري بہ ڇڏائي وٺندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:8
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو مال‌متاع کڄي ويو هو سو هٿ ڪيائين. هو لوط کي پڻ سندس مال‌متاع، عورتن ۽ ٻين پڪڙيل ماڻهن سميت موٽائي وٺي آيو.


تڏهن دائود خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ فلستين تي چڙهائي ڪريان؟ ڇا تون انهن کي منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندين؟“ خداوند دائود کي وراڻيو تہ ”ڀلي چڙهائي ڪري وڃ. آءٌ فلستين کي ضرور تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس.“


سو جڏهن دائود خداوند کان پڇا ڪئي، تہ انهيءَ کيس وراڻيو تہ ”تون مٿن هتان چڙهائي نہ ڪر، بلڪ سندن پٺيان گھيرو ڪري توتن جي وڻن جي سامهون اچي مٿن حملو ڪر.


اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“


جڏهن هو مون کي پڪاريندا تہ آءٌ هنن جي ٻڌندس. آءٌ سندن مصيبت ۾ ساڻي ٿيندس، آءٌ کين ڇڏائيندس ۽ عزت بخشيندس.


دشمن چيو هو تہ ’آءٌ پٺيان پئي انهن کي پڪڙيندس، ۽ کانئن لُٽيل مال ورهائي آءٌ پنهنجي دل ٺاريندس. پوءِ مياڻ مان تلوار ڪڍي آءٌ کين برباد ڪري ڇڏيندس.‘


يشوع اليعزر ڪاهن وٽ پيو ايندو رهندو، جيڪو اليعزر جي طرفان مون خداوند جي حضور مان اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي منهنجي مرضي معلوم ڪندو رهندو. اهڙيءَ طرح اليعزر اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ يشوع ۽ سڄيءَ قوم جي رهنمائي ڪندو.“


پوءِ بني اسرائيل بيت‌ايل شهر ۾ مقدس هنڌ تي ويا ۽ خدا کان ڪڻا وجھي صلاح پڇيائون تہ ”بني بنيامين سان وڙهڻ لاءِ اسان مان پهريائين ڪير چڙهائي ڪري؟“ خداوند چيو تہ ”يهوداہ قبيلو پهريائين وڃي.“


پوءِ جِدعون ۽ ساڻس گڏ جيڪي ٽي سؤ ماڻهو هئا سي ٿڪل هجڻ جي باوجود دشمن جو پيڇو ڪندي اردن درياءَ تي آيا ۽ اتان اوڀر پار لنگھيا.


سو خداوند کان وري پڇيو ويو تہ ”ڇا اهو ماڻهو اڃا هتي نہ آهي؟“ تڏهن خداوند جي طرفان ورندي ڏني ويئي تہ ”ڏسو، هو سامان جي وچ ۾ لڪو ويٺو آهي.“


تڏهن سائول خدا کان صلاح پڇي تہ ”آءٌ فلستين جي پٺيان وڃان يا نہ؟ تون هنن کي بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندين يا نہ؟“ پر خدا انهيءَ ڏينهن کيس ڪا ورندي نہ ڏني.


تڏهن دائود خداوند کان پڇيو تہ ”آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟“ خداوند وراڻيس تہ ”وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار ۽ قعيلہ شهر کي بچاءِ.“


تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، تنهن تي خداوند وراڻي ڏنس تہ ”اُٿ، قعيلہ شهر ڏانهن لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي فلستين مٿان فتح ڏيندس.“


سو هن خداوند کان پڇيو، پر خداوند کيس ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي ۽ نہ ئي نبين جي وسيلي.


اهڙيءَ طرح دائود اهو سڀ ڪجھہ ڇڏائي ورتو جيڪي عماليقي کڻي ويا هئا. دائود پنهنجيون ٻئي زالون بہ ڇڏايون.


هنن جي ڪابہ شيءِ گم نہ ٿي، نہ ننڍي نہ وڏي، نہ پٽ نہ ڌيءَ، نہ لٽ جو مال، نڪا وري ٻي ڪا شيءِ جا هو کڻي ويا هئا، بلڪ سڀ جو سڀ دائود موٽائي آندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ