Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:6 - Muslim Sindhi Bible

6 دائود کي ڏاڍي پريشاني ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي ماڻهو پنهنجن وڃايل پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪري تمام ڏکويل هئا ۽ کيس سنگسار ڪري مارڻ پئي چاهيائون. پر دائود کي خداوند پنهنجي خدا همت عطا ڪئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ دائود کي ڏاڍو ڏک ٿيو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن هن کي سنگسار ڪرڻ جي ڳالهہ پئي ڪئي، جو سڀ ماڻهو پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي لاءِ غمگين هئا: پر دائود پاڻ کي خداوند پنهنجي خدا ۾ مضبوط ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:6
51 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يعقوب کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو ۽ هو گھٻرائجي ويو. پوءِ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا تن کي ۽ ڍورن ڍڳن، رڍن ٻڪرين ۽ اٺن کي ٻن ٽولن ۾ ورهايائين.


حوسيءَ وڌيڪ چيس تہ ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جو پيءُ ۽ سندس ماڻهو وڏا بهادر آهن. هن وقت اهي اهڙا تہ غضبناڪ ٿي ويا آهن جهڙي ڪا جھنگلي رڇڻ هجي، جنهن جا ٻچا چورائجي ويا هجن. جيئن تہ اوهان جو پيءُ تجربيڪار جنگي مرد آهي، سو هو رات جو ماڻهن سان گڏ نہ ٿو رهي.


جڏهن هوءَ انهيءَ ٽڪر تي خدا جي ٻانهي وٽ آئي تڏهن هوءَ ڪري پيئي ۽ سندس پيرن کان پڪڙيائين. جيحازي هن کي ڌڪي پري ڪرڻ لاءِ ويجھو آيو، پر انهيءَ خدا جي ٻانهي چيس تہ ”هن کي ڇڏي ڏي. هوءَ ڏاڍي ڏکايل آهي. خداوند مون کان اها ڳالهہ لڪائي آهي ۽ الائي ڇو مون کي نہ ٻڌائي اٿس.“


توڙي جو هو مون کي کڻي ڪهي بہ ڇڏي، خير آهي، هاڻي مون وٽ بچيو ئي ڇا آهي جو آءٌ ڊڄان، سو آءٌ هن جي اڳيان پنهنجي واٽن جو بچاءُ ضرور ڪندس.


مون ان وقت بہ ايمان آندو هو جڏهن چيو هئم تہ ”آءٌ ڏاڍي ڏک ۾ مبتلا ٿي ويو آهيان.“


جنهن ڏينهن مون تو کي پڪاريو تو منهنجو عرض ٻڌو، ۽ مون کي طاقت بخشي منهنجي حوصلي کي وڌايو.


خداوند منهنجو حفاظت ڪندڙ آهي، هو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي. خدا ئي منهنجو محافظ آهي، جنهن وٽ آءٌ پناهہ وٺان ٿو. هو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچائي ٿو، هائو، هو ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي.


پوءِ مون پنهنجي انهيءَ مصيبت ۾ خداوند پنهنجي خدا کي مدد لاءِ پڪاريو هو، منهنجي انهيءَ آواز کي هن پنهنجي مقدس جاءِ ۾ ٻڌو، ائين منهنجو فرياد هن جي ڪنن تائين وڃي پهتو.


منهنجي دل جا ڏک دور ڪر. مون کي سڀني مصيبتن کان ڇڏاءِ.


اوهين خداوند تي توڪل رکو، پختا ٿيو ۽ همت نہ هاريو. هائو، اوهين خداوند تي ئي پنهنجي توڪل رکو.


اوهين سڀيئي جيڪي خداوند ۾ اميد رکو ٿا، سي بلڪل نہ گھٻرايو، بلڪ پنهنجيءَ دل کي همتايو.


پر مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بي‌قراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.


پر مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بي‌قراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.


خدا جي ڏنل جلاوطنيءَ واري ڏک مون کي ائين ٻوڙي رکيو آهي، جيئن طوفاني سمنڊ جون ڇوليون، يا آبشار جو گجگوڙ ڪندڙ پاڻي اونهاين ۾ ٻوڙيو ٿا ڇڏين.


تنهن تي ئي منهنجي توڪل آهي سو آءٌ بلڪل نہ ڊڄندس. انسان جيڪو فاني آهي سو مون کي ڇا ڪري سگھندو؟


آءٌ رڳو خدا ۾ ئي صبر سان آس رکان ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي منهنجي حفاظت ڪري ٿو.


آءٌ رڳو خدا ۾ ئي صبر سان آس رکان ٿو، هائو، انهيءَ ۾ ئي منهنجي اميد آهي.


اي منهنجا خدا! مون کي بدڪار ماڻهوءَ جي هٿان ڇڏاءِ. هائو، تون مون کي بڇڙي ۽ ظالم ماڻهوءَ کان اچي ڇڏاءِ.


اي خداوند خدا! تون ئي تہ منهنجي اميد آهين. ننڍپڻ کان وٺي منهنجو ڀروسو تو تي ئي آهي.


تڏهن موسيٰ خداوند کي پڪاري چيو تہ ”آءٌ هنن ماڻهن سان ڇا ڪريان؟ اهي تہ مون کي ذري گھٽ سنگسار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن.“


خداوند هڪ مضبوط قلعو آهي، سچار ماڻهو ڀڄي وڃي انهيءَ ۾ پناهہ وٺي ٿو.


تون غريبن ۽ لاچارن جي لاءِ هڪ مضبوط قلعو آهين. هائو، سندن مصيبتن ۾ تون هڪ پناهہ‌گاهہ آهين. ظالم دشمن اسان تي ائين ٿا اچي ڪڙڪن، جيئن طوفاني برسات اچيو ڪڙڪي، يا جيئن ٽاڪ منجھند جي اُس ساڙيو ڇڏي. پر تون انهيءَ طوفان کان اسان جي جاءِ‌پناهہ، ۽ انهيءَ اس کان بچائڻ لاءِ ڇانوَ آهين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گرمي گھٽجي ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح تون زورآورن جي شادمانن کي ختم ڪري ڇڏيندين.


اي خداوند! تون منهنجي طاقت، منهنجو قلعو ۽ مصيبت جي وقت منهنجي پناهہ‌گاهہ آهين. تو وٽ ڌرتيءَ جي ڪنڊڪڙڇ کان قومون اينديون ۽ چونديون تہ ”اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙا معبود مليا، هائو، هنن کي بيڪار بت مليا جن کين ڪوبہ فائدو نہ ڏنو.


”اي خداوند! مون مصيبت ۾ تو کان دُعا گھري آهي، تو منهنجي دعا ٻڌي مون کي ورندي بہ ڏني آهي. مون دوزخ جي پيٽ منجھان فرياد ڪيو آهي، تڏهن بہ تو منهنجي اها دانهن ٻڌي آهي.


پر اهي چوڻ لڳا تہ ”هنن کي سنگسار ڪريو.“ تڏهن اوچتو خداوند جو جلال سڀني ماڻهن جي روبرو خدا سان ملاقات واري خيمي مٿان ظاهر ٿيو.


ميڙ جا ماڻهو جيڪي هن جي اڳيان توڙي پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ”دائود جي پٽ جي واکاڻ هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“


تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”پوءِ عيسيٰ کي ڇا ڪريان جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ انهن سڀني واڪا ڪري چيو تہ ”صليب تي چاڙهيوس.“


تنهن تي انهن عيسيٰ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر عيسيٰ پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.


ابراهيم نااميديءَ جي حالت ۾ بہ اميد رکي خدا تي ايمان رکيو ۽ گھڻين قومن جو پيءُ بڻيو، جيئن خدا واعدو ڪيو هئس تہ ”تو کي ايترو ئي گھڻو اولاد ٿيندو.“


۽ خدا جي واعدي تي ذرو بہ شڪ نہ ڪيائين. اٽلندو هو ايمان ۾ وڌيڪ پڪو ٿي خدا جي واکاڻ ڪندو رهيو.


سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟


جيڪڏهن اسان تي مصيبت اچي ٿي تہ اها اوهان جي دلداريءَ ۽ ڇوٽڪاري لاءِ آهي. وري جيڪڏهن اسان کي دلداري ملي ٿي تہ اها بہ اوهان جي ئي لاءِ آهي. اها دلداري اوهان کي صبر سان ساڳيا ڏک سور سهڻ جي طاقت بخشي ٿي جيڪي اسين بہ سهون ٿا.


اسين هر طرف کان مصيبتن ۾ دٻايا وڃون ٿا، پر چيڀاٽجي ڪونہ ٿا وڃون، پريشان تہ ٿيون ٿا پر نااميد نہ ٿا ٿيون،


ڏسو، جڏهن اسين مڪدُنيا صوبي ۾ آياسين تڏهن بہ اسان کي آرام نہ مليو، بلڪ هر طرف کان مصيبتن ۾ ڦاسجي وياسين. ٻاهر جھيڙا جھڳڙا هئا ۽ اندر ۾ خوف خطرا.


تنهنڪري اسين پوري يقين سان چئي ٿا سگھون تہ ”خداوند منهنجو مددگار آهي، سو آءٌ ڪين ڊڄندس. انسان مون کي ڇا ٿو ڪري سگھي؟“


بني دان کيس چيو تہ ”تنهنجي لاءِ بهتر آهي تہ ٻڙڪ بہ نہ ڪُڇ، متان اسان مان ڪن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تو تي حملو ڪري ڏين ۽ تون پنهنجي گھراڻي سميت پنهنجي جان وڃائي ويهين.“


سو بني اسرائيل مقدس هنڌ تي موٽي وڃي شام تائين خداوند جي آڏو رنا. هنن شام جو خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا اسين پنهنجن هم‌قوم بني بنيامين سان جنگ ڪرڻ لاءِ وري اڳتي وڌون يا نہ؟“ خداوند وراڻين تہ ”ڀلي هنن تي چڙهائي ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل جا ماڻهو همت ٻڌي جنهن هنڌ پهرئين ڏينهن صفون ٻڌي بيٺا هئا، انهيءَ ساڳئي هنڌ وري بہ جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيٺا


جيئن تہ حنہ ڏاڍي ڏکويل هئي، سو زاروزار روئي خداوند کان دعا گھرڻ لڳي.


تڏهن سائول جو پٽ يونتن ٻيلي ۾ دائود وٽ آيو ۽ کيس خدا جي يقيني حفاظت بابت همتايائين.


تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ ”تو ڇو منهنجو آرام ڦٽايو آهي جو مون کي مٿي سڏايو اٿيئي؟“ سائول ورندي ڏنس تہ ”آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ آهيان، ڇاڪاڻ تہ فلستي مون سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن ۽ خدا بہ مون کي ڇڏي ڏنو آهي. هو مون کي ڪابہ ورندي نہ ٿو ڏئي، نہ نبين جي وسيلي ۽ نہ وري خوابن جي رستي. تنهنڪري مون تو کي سڏايو آهي تہ مون کي ٻڌاءِ تہ آءٌ هاڻي ڇا ڪريان؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ