Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:26 - Muslim Sindhi Bible

26 جڏهن دائود صِقلاج شهر ۾ موٽي آيو، تڏهن هن لٽ جي مال مان ڪجھہ بني يهوداہ جي سردارن ڏانهن بہ موڪليو، جيڪي سندس دوست هئا. کين چوائي موڪليائين تہ ”اِجھو، خداوند جي دشمنن جي لٽ جي مال مان هي اوهان جي لاءِ سوکڙي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ جڏهن دائود صقلاج ۾ آيو، تڏهن هن لٽ جي مال مان ڪجهہ يهوداہ جي بزرگن ڏانهن، بلڪ پنهنجن دوستن ڏانهن بہ موڪليو، ۽ چوائي مُڪائين تہ ڏسو، خداوند جي دشمنن جي لٽ جي مال مان اُها اوهان جي لاءِ سوکڙي آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:26
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مهرباني ڪري منهنجي سوکڙي جيڪا توهان وٽ آندي ويئي آهي سا قبول ڪريو، ڇو تہ خدا مون تي فضل ڪيو آهي ۽ مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي.“ اهڙيءَ طرح يعقوب گھڻو زور ڪيس، سو عيسوءَ اها قبول ڪئي.


سائول جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو دائود جڏهن عماليقين کي شڪست ڏيئي موٽي اچي صِقلاج شهر ۾ رهيل هو تہ اڃا ٻہ ڏينهن مس گذريا تہ


پوءِ نعمان ۽ سندس سمورا نوڪر چاڪر خدا جي ٻانهي وٽ موٽي آيا. نعمان سندس اڳيان بيهي چيو تہ ”هاڻ مون ڄاڻي ورتو تہ خدا جيڪو اسرائيل ۾ آهي تنهن کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبہ مبعود ڪونهي. سو مهرباني ڪري هاڻي اوهين پنهنجي ٻانهي کان تحفو قبول ڪريو.“


جيڪي منهنجي سچي معاملي جي تائيد ٿا ڪن، شل سي خوش ۽ سرها ٿين! ۽ سدائين هيئن پيا چوندا وتن تہ ”خداوند جي واکاڻ هجي، جيڪو پنهنجي ٻانهي جي ڀلائيءَ سببان خوش ٿو ٿئي.“


هو بلند جبل تي چڙهي آيو، ۽ قيدين کي ساڻ وٺي آيو. هن ماڻهن کان خراج ورتو آهي، بلڪ انهن فسادين کان بہ ورتو اٿائين، جن نہ ٿي چاهيو تہ خداوند خدا اُتي رهي.


پر نيڪ ماڻهو نيڪيءَ وارا منصوبا ٿا جوڙين. بيشڪ اهي پنهنجي انهن نيڪ منصوبن تي قائم رهندا.


تنهنڪري مون طيطس وارن کي اهو تاڪيد ڪرڻ ضروري سمجھيو تہ هو اڳواٽ اوهان وٽ اچن ۽ جنهن امداد جو اوهان واعدو ڪيو آهي، سا پهريائين گڏ ڪري رکن، تہ جيئن اها مجبوريءَ سان نہ بلڪ خوشيءَ سان ڏنل هجي.


پوءِ سائول دائود کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب تو کي پرڻائي ٿو ڏيان. پر تون رڳو منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر ۽ خداوند لاءِ جنگيون وڙهندو رهہ.“ سائول سوچيو ٿي تہ ”دائود منهنجي هٿان نہ، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان ماريو وڃي.“


هاڻي هي نذرانو جيڪو توهان جي ٻانهيءَ پنهنجي آقا لاءِ آندو آهي، سو ڀلي تہ اوهين پنهنجي نوڪرن کي ڏيو.


آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ اوهان جي هن ٻانهيءَ کي ڪجھہ وڌيڪ ڳالهائڻ جي خطا جي معافي ڏني وڃي. جيئن تہ منهنجو آقا خداوند لاءِ جنگيون ٿو ڪري، سو يقيناً خداوند منهنجي آقا جي گھراڻي کي جٽادار بادشاهي ڏيندو، ۽ سڄيءَ عمر ۾ توهان کان ڪابہ برائي ڪين ٿيندي.


دائود ٻيون بہ رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هٿ ڪيا، جيڪي سندس ماڻهن پنهنجي چوپائي مال جي اڳيان ڪاهي آندا ۽ چيائون تہ ”هي دائود جو لٽيل مال آهي.“


سو انهيءَ ڏينهن کان وٺي اڄ تائين بني اسرائيل ۾ اهو ئي قاعدو ۽ دستور هلندو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ