Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:24 - Muslim Sindhi Bible

24 سو اوهان جي اها ڳالهہ ڪير ٻڌندو؟ جنگ تي وڃڻ واري کي بہ اوترو ئي حصو ملندو جيترو سامان وٽ ترسي پوڻ واري کي. ٻنهي کي هڪجهڙو حصو ملندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ اوهان جي اها ڳالهہ ڪير ٻڌندو؟ ڇالاءِ جو جيڪو جنگ تي وڃي ٿو تنهن کي بہ اهڙو ئي حصو ملندو جهڙو انهي کي جو سامان وٽ ترسي ويهي رهي ٿو: ٻنهين کي هڪجهڙو حصو ملڻ گهرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:24
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”بادشاهہ پنهنجي لشڪرن سوڌا پوئتي هٽي ڀڄندا ٿا وڃن. هاڻ گھرن ۾ ويٺل عورتون سندن لٽ جو مال پيون ورهائين.


تون اهو مالِ‌غنيمت ٻن هڪجيترن حصن ۾ ورهاءِ. هڪڙو حصو انهن جنگي جوانن کي ڏي جيڪي جنگ تي ويا هئا ۽ ٻيو حصو باقي قوم کي ڏي.


جيڪي ماڻهو ستايل هئا، جيڪي قرضدار هئا ۽ جيڪي باغي ٿي ويا هئا، سي سڀ اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ هو انهن جو سردار ٿيو. اهڙيءَ طرح اٽڪل چار سؤ ماڻهو ساڻس اچي شامل ٿيا.


تڏهن دائود پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”هر ڪو ماڻهو پنهنجي تلوار چيلهہ سان ٻڌي.“ سو هر ڪنهن پنهنجي تلوار ٻڌي. دائود بہ پنهنجي تلوار کنئي. اهڙيءَ طرح اٽڪل چار سؤ ماڻهو دائود سان گڏ روانا ٿيا ۽ ٻہ سؤ ماڻهو سامان وٽ رهي پيا.


پر دائود کين چيو تہ ”اي منهنجا ڀائرؤ! جيڪي بہ خداوند اسان کي عطا ڪيو آهي، تنهن سان اوهان کي ائين نہ ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ئي اسان کي بچايو آهي ۽ اسان تي ڪاهہ ڪري آيل لشڪر کي اسان جي هٿن ۾ ڏنو اٿس.


سو انهيءَ ڏينهن کان وٺي اڄ تائين بني اسرائيل ۾ اهو ئي قاعدو ۽ دستور هلندو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ