Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:21 - Muslim Sindhi Bible

21 پوءِ دائود انهن ٻن سون ماڻهن وٽ موٽي آيو، جيڪي گھڻي ٿڪ جي ڪري ساڻس گڏ هلي نہ سگھيا هئا ۽ جن کي هو بسور جي برساتي نهر وٽ ڇڏي ويا هئا. اهي دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، تن سان ملڻ لاءِ اڳتي نڪري آيا. دائود جڏهن انهن ماڻهن جي ويجھو آيو تہ ساڻن گرم‌جوشيءَ سان مليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ دائود اُنهن ٻن سوَن ماڻهن وٽ آيو، جي گهڻي ٿَڪ جي ڪري دائود جي پٺيان اچي نہ سگهيا هئا، ۽ جن کي هو بسور جي نهر وٽ ڇڏي ويا هئا: ۽ اُهي دائود جي استقبال لاءِ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن سان گڏجڻ لاءِ نڪري اڳي آيا: ۽ جڏهن دائود انهن ماڻهن کي ويجهو آيو، تڏهن انهن کي سلام ڪري حال احوال پڇيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:21
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪندا رهو.


مطلب تہ اوهين سڀيئي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي گذاريو ۽ هڪٻئي سان لاڳاپن ۾ همدرديءَ، پيار، نرم دليءَ ۽ نماڻائيءَ واري طبيعت اختيار ڪريو.


پوءِ جِدعون سڪات جي ماڻهن وٽ آيو ۽ کين چيائين تہ ”ڏسو، هي آهن اهي زبح ۽ ضلمنع، جن جي باري ۾ توهان مون تي ٺٺولي ڪري چيو هو تہ ’ڇا زبح ۽ ضلمنع تنهنجي قبضي ۾ اچي ويا آهن جو اسين تنهنجي ٿڪل لشڪر کي کاڌو ڏيون؟‘“


سندن دستي جي سالار لاءِ بہ پنير جون هي ڏهہ ٽڪيون کڻي وڃ ۽ ڏسي بہ اچ تہ تنهنجا ڀائر ڪيئن پيا گذارين، انهن کان ڪا نشاني وٺي اچجانءِ.


تڏهن دائود پنهنجو سامان، لشڪر جي سامان جي نگهباني ڪندڙ جي حوالي ڪري ڊوڙي لشڪر ۾ ويو ۽ پنهنجي ڀائرن کان خيرعافيت پڇڻ لڳو.


تڏهن دائود سان گڏ ويل ماڻهن مان ڪن شرير ۽ خبيث ماڻهن چيو تہ ”هي اسان سان گڏجي نہ هليا هئا. تنهنڪري جيڪو لٽيل مال اسان ڇڏائي آيا آهيون تنهن مان اسين کين ڪجھہ بہ نہ ڏينداسون. اسين کين رڳو سندن زالون ۽ ٻار ڏينداسين، تہ هو انهن کي وٺي هليا وڃن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ