Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:20 - Muslim Sindhi Bible

20 دائود ٻيون بہ رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هٿ ڪيا، جيڪي سندس ماڻهن پنهنجي چوپائي مال جي اڳيان ڪاهي آندا ۽ چيائون تہ ”هي دائود جو لٽيل مال آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ دائود سڀ ڌڻ ۽ گلا هٿ ڪيا، جي هنن ٻئي چوپائي مال جي اڳيان ڪاهي کنيا هئا، ۽ چيائين تہ هي دائود جو لٽيل مال آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:20
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن چوپائي مال جي واڙن تي بہ ڪاهہ ڪئي ۽ تمام گھڻيون رڍون ٻڪريون ۽ اٺ اتان ڪاهي آيا. پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽي آيا.


تڏهن يهوسفط ۽ سندس لشڪر وارا دشمنن جو مال لٽڻ لڳا. هنن بي‌انداز ڍور ڍڳا، مال متاع، ڪپڙا ۽ قيمتي شيون پنهنجي هٿ ڪيون. لٽ جو مال ايترو تہ گھڻو هو جو هو ٽن ڏينهن تائين اهو ميڙي گڏ ڪندا رهيا. تنهن هوندي بہ هو سمورو مال کڻي نہ سگھيا.


جيئن تہ هن پنهنجي جان موت جي حوالي ڪئي، تنهنڪري آءٌ خداوند هن کي عزت ۽ طاقت عطا ڪندس. ماڻهن هن کي گنهگار سمجھيو، جڏهن تہ هن گھڻن جا گناهہ پنهنجي سر تي کنيا، ۽ بدڪارن جي شفاعت ڪيائين.“


انهن سڀني حالتن ۾ بہ اسين انهيءَ جي وسيلي شاندار فتح حاصل ڪريون ٿا، جنهن اسان کي پيار ڪيو.


پوءِ دائود انهن ٻن سون ماڻهن وٽ موٽي آيو، جيڪي گھڻي ٿڪ جي ڪري ساڻس گڏ هلي نہ سگھيا هئا ۽ جن کي هو بسور جي برساتي نهر وٽ ڇڏي ويا هئا. اهي دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، تن سان ملڻ لاءِ اڳتي نڪري آيا. دائود جڏهن انهن ماڻهن جي ويجھو آيو تہ ساڻن گرم‌جوشيءَ سان مليو.


جڏهن دائود صِقلاج شهر ۾ موٽي آيو، تڏهن هن لٽ جي مال مان ڪجھہ بني يهوداہ جي سردارن ڏانهن بہ موڪليو، جيڪي سندس دوست هئا. کين چوائي موڪليائين تہ ”اِجھو، خداوند جي دشمنن جي لٽ جي مال مان هي اوهان جي لاءِ سوکڙي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ