Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:17 - Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ دائود رات جي پهرئين پهر کان وٺي ٻئي ڏينهن جي شام تائين انهن کي پئي ماريو. ايتري قدر جو انهن مان هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو، سواءِ انهن چئن سؤن ماڻهن جي جيڪي اٺن تي چڙهي ڀڄي نڪتا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ دائود پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي ٻئي ڏينهن جي شام تائين انهن کي پئي ماريو: ۽ چئن سوَن جوان ماڻهن کان سواءِ جي اُٺن تي چڙهي اُٿي ڀڳا، انهن مان هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:17
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سائول جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو دائود جڏهن عماليقين کي شڪست ڏيئي موٽي اچي صِقلاج شهر ۾ رهيل هو تہ اڃا ٻہ ڏينهن مس گذريا تہ


يعني ادومين، موآبين، بني عمون، فلستين، عماليقين ۽ ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر ولد رحوب جي لٽ جي مال مان پڻ.


هو شام جو منهن انڌاري مهل ارامين جي خيمي‌گاهہ ڏانهن وڃڻ لاءِ اٿيا. جڏهن هو خيمي‌گاهہ وٽ پهتا تہ ڇا ڏسن تہ ڪوبہ ماڻهو اتي ڪونهي.


تڏهن جيڪي عماليقي باقي بچيا هئا ۽ ڀڄي نڪتا هئا، تن کي ماري هو پاڻ اتي رهڻ لڳا ۽ اهي اڄ ڏينهن تائين اتي رهندا پيا اچن.


مون ڪُٽي ڪُٽي کين دز ڪيو تان‌جو اهي هوا ۾ اُڏامي ويا. هائو، مون گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي کين نابود ڪري ڇڏيو.


جڏهن تہ اسماعيل پاڻ بہ پنهنجي اٺن ساٿين سميت يوحنان وٽان کسڪي نڪتو ۽ بني عمون جي علائقي ڏانهن ڀڄي ويو.


پر برق حروست هگوئيم تائين سندس گاڏين ۽ لشڪر جو پيڇو ڪيو. سو سيسرا جو سڄو لشڪر تلوار جي ڌار سان مارجي ويو ۽ هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو.


مدياني، عماليقي ۽ سڀ اوڀر وارا ماڻهو ماٿريءَ ۾ مڪڙن وانگر ميڙ ڪيو لٿا پيا هئا. سندن اٺ سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جي ذرڙن وانگر بي‌شمار هئا.


ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سائول پنهنجي ماڻهن جون ٽي ٽوليون ٺاهيون ۽ پرهہ ڦٽيءَ مهل دشمنن جي لشڪرگاهہ تي اچي حملو ڪيائين. جيستائين ڏينهن گرم ٿيو تيستائين هو عمونين کي ماريندا رهيا. پوءِ جيڪي عموني باقي بچيا سي ڀڄي ڪڻو ڪڻو ٿي ويا، ايتري قدر جو انهن مان ٻہ ڄڻا بہ ڪٿي گڏجي ڪين رهيا.


سو هاڻي تون وڃي عماليقين تي حملو ڪري کين ماري ڇڏ ۽ جيڪي بہ وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر ۽ اصل نہ ڇڏين. سندن مردن، عورتن، ٻارن ۽ کير پياڪن سان گڏ سندن سڀني ڍورن ڍڳن کي قتل ڪري ڇڏ.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ