Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تڏهن دائود چيس تہ ”تون مون کي انهيءَ لشڪر وٽ وٺي هلندين؟“ هن وراڻيو تہ ”خدا جو قسم کڻي واعدو ڪر، تہ تون مون کي نہ قتل ڪندين ۽ نہ مون کي منهنجي مالڪ جي حوالي ڪندين، تہ پوءِ آءٌ تو کي انهيءَ لشڪر وٽ وٺي هلندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ دائود هن کي چيو تہ تون مون کي انهي لشڪر وٽ وٺي هلندين؟ ۽ هن چيو تہ خدا جو قسم کڻي مون کي چئُہ تہ تون نہ مون کي قتل ڪندين، ۽ نہ منهنجي ڌڻيءَ جي حوالي ڪندين، تہ پوءِ آءٌ توکي انهي لشڪر وٽ وٺي هلندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي خداوند، زمين ۽ آسمان جي خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ تون منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائيندين.


هن يهوداہ جي بادشاهي گھراڻي جي هڪڙي ماڻهوءَ کي چونڊي ڪڍيو ۽ انهيءَ سان عهد اقرار ڪري کانئس وفاداريءَ جو قسم ورتائين. هو ملڪ جي وڏن اڳواڻن کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويو.


آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ يقيناً جنهن بادشاهہ انهيءَ کي يهوداہ جو بادشاهہ بڻايو ۽ جنهن جي قسم کي هن حقير ڄاتو ۽ سندس عهد اقرار کي هن ٽوڙيو، تنهن جي ملڪ بابل ۾ ئي هو مرندو.


تنهنڪري آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ هن منهنجو نالو وٺي قسم کنيو هو ۽ عهد اقرار ڪيو هئائين. پر هاڻي جڏهن هن اهو قسم ٽوڙي منهنجي نالي کي حقير ڄاتو آهي سو آءٌ هن کي سندس ڪيل ڪم جي سزا ضرور ڏيندس.


سو هاڻي مهرباني ڪري انهيءَ خداوند جو مون سان قسم کڻو تہ جهڙو مهربانيءَ وارو سلوڪ مون اوهان سان ڪيو آهي تهڙو ئي سلوڪ اوهين بہ منهنجي اباڻي گھر سان ڪندا. تنهن لاءِ مون کي ڪا اعتبار جوڳي نشاني ڏيو،


پوءِ يشوع ساڻن صلح ڪري کين جيئدان ڏيڻ جو عهد ڪيو ۽ قوم جي اڳواڻن قسم کڻي انهيءَ عهد جي تائيد ڪئي.


جڏهن انهن جاسوسن هڪڙي ماڻهوءَ کي شهر مان ٻاهر ايندي ڏٺو، تڏهن هنن کيس چيو تہ ”اسان کي شهر ۾ داخل ٿيڻ جو رستو ڏيکار، اسين تو سان مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪنداسين.“


تڏهن اڪيس دائود کي سڏي چيو تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي تہ تون وفادار ماڻهو آهين ۽ مون سان گڏ تنهنجو لشڪر سان گڏجي هلڻ منهنجي نظر ۾ چڱو آهي، ڇاڪاڻ تہ جنهن ڏينهن تون مون وٽ آيو هئين، تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون تو ۾ ڪوبہ فرق محسوس ڪونہ ڪيو آهي. انهيءَ هوندي بہ سالار تو مان راضي نہ آهن.


اسان ڪريتين جي ڏکڻ واري پاسي تي، يهوداہ جي علائقي تي ۽ ڪالب جي علائقي جي ڏکڻ تي چڙهائي ڪئي هئي ۽ صِقلاج شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو.“


پوءِ جڏهن هو دائود کي اتي وٺي آيو، تڏهن ڏٺائون تہ عماليقي سڄيءَ زمين تي پکڙيا پيا آهن. هو انهيءَ گھڻي مال جي ڪري ڏاڍا خوش هئا، جيڪو هنن فلستين ۽ يهوداہ جي ملڪ مان لٽي ڦري آندو هو ۽ کائي پي مزا پئي ماڻيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ