Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اسان ڪريتين جي ڏکڻ واري پاسي تي، يهوداہ جي علائقي تي ۽ ڪالب جي علائقي جي ڏکڻ تي چڙهائي ڪئي هئي ۽ صِقلاج شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 اسان ڪريتن جي ڏکڻ واري پاسي تي، ۽ يهوداہ جي سرحد تي ۽ ڪالب جي ڏکڻ تي چڙهائي ڪئي؛ ۽ صقلاج کي باهہ ڏيئي ساڙيوسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بناياہ ولد يهويدع خاص محافظن جي مٿان سالار هو ۽ دائود جا پٽ ڪاهن مقرر هئا.


سو صدوق ڪاهن، ناتن نبي، بناياہ ولد يهويدع ۽ شاهي محافظ سليمان کي بادشاهہ دائود جي خچر تي ويهاري کيس جيحون چشمي ڏانهن وٺي ويا.


بادشاهہ دائود صدوق ڪاهن، ناتن نبي، بناياہ ولد يهويدع ۽ شاهي محافظ هن سان گڏ موڪليا ۽ هنن کيس بادشاهہ جي خچر تي سوار ڪيو.


بناياہ ولد يهويدع دائود جي ذاتي محافظن جي مٿان سالار هو ۽ دائود جا پٽ اعليٰ درجي تي مقرر هئا.


تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند خدا اعلان ٿو ڪريان تہ آءٌ انهن تي حملو ڪري اتان جي سڀني ماڻهن کي ماري ڇڏيندس. ڪريتي قبيلي کان وٺي سمنڊ جي ڪناري وارن ماڻهن تائين، سڀيئي فلستي ناس ٿي ويندا.


ويل آهي توهان لاءِ، اي سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستيؤ! خداوند جو فرمان اوهان جي خلاف آهي. اي فلستين جا ملڪ ڪنعان! هو تو کي تباهہ ڪري ڇڏيندو، ايستائين جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.


تڏهن يشوع ڪالب کي دعا ڪئي ۽ حبرون شهر کيس ورثي طور ڏنائين.


جيئن خداوند يشوع کي حڪم ڏنو هو تيئن ئي هن يفنہ جي پٽ ڪالب کي يهوداہ قبيلي جي علائقي مان قريت‌اربع يعني حبرون شهر ڏنو جيڪو اڳ ۾ عناق جي وڏي اربع جو هو.


پر انهيءَ شهر جي آس‌پاس واريون ٻنيون ۽ ڳوٺ هنن يفنہ جي پٽ ڪالب کي ملڪيت ڪري ڏنا.


ٽئين ڏينهن تي جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو پنهنجي شهر صِقلاج ۾ پهتا، تڏهن ڏٺائون تہ عماليقين ڏاکڻي علائقي ۽ صِقلاج شهر تي حملو ڪري شهر کي ڦري لٽي باهہ ڏيئي ڇڏي هئي.


پوءِ دائود هن کان پڇيو تہ ”تون ڪنهن جو ماڻهو آهين ۽ ڪٿان ٿو اچين؟“ انهيءَ ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”آءٌ مصري آهيان ۽ هڪڙي عماليقيءَ جو غلام آهيان. منهنجو مالڪ مون کي ٽي ڏينهن اڳ ڇڏي هليو ويو آهي، ڇو تہ آءٌ بيمار ٿي پيو هئس.


تڏهن دائود چيس تہ ”تون مون کي انهيءَ لشڪر وٽ وٺي هلندين؟“ هن وراڻيو تہ ”خدا جو قسم کڻي واعدو ڪر، تہ تون مون کي نہ قتل ڪندين ۽ نہ مون کي منهنجي مالڪ جي حوالي ڪندين، تہ پوءِ آءٌ تو کي انهيءَ لشڪر وٽ وٺي هلندس.“


پوءِ جڏهن هو دائود کي اتي وٺي آيو، تڏهن ڏٺائون تہ عماليقي سڄيءَ زمين تي پکڙيا پيا آهن. هو انهيءَ گھڻي مال جي ڪري ڏاڍا خوش هئا، جيڪو هنن فلستين ۽ يهوداہ جي ملڪ مان لٽي ڦري آندو هو ۽ کائي پي مزا پئي ماڻيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ