Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:12 - Muslim Sindhi Bible

12 هنن کيس سڪل انجير جون ڪجھہ ٽڪيون ۽ ڪشمش جا ٻہ ڇڳا ڏنا. جڏهن هن کائي بس ڪئي تڏهن سندس بدن ۾ ساهہ پيو، ڇاڪاڻ تہ هن پورا ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون نڪا ماني کاڌي هئي، نڪو پاڻي پيتو هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ هن کي انجيرن جي ٽڪيءَ جو ٽڪر ۽ ڪشمش جا ٻہ ڇڳا ڏنائون؛ ۽ جڏهن هن کائي بس ڪيو تڏهن ساهہ پٽيائين. ڇالاءِ جو هن ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون نڪا ماني کاڌي هئي، نڪو پاڻي پيتو هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:12
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”وڃ، سوسن شهر ۾ هن وقت جيڪي بہ يهودي آهن تن سڀني کي گڏ ڪري کين تاڪيد ڪر تہ اهي ٽن ڏينهن تائين منهنجي لاءِ روزو رکن، رات جو توڙي ڏينهن جو هو نڪي کائين نڪي پيئن. آءٌ ۽ منهنجيون ٻانهيون بہ ائين ئي روزو رکنديونسين. پوءِ آءٌ شهنشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، پوءِ جي منهنجي جان وڃي تہ ڀلي وڃي.“


وسنديءَ جو هر ڪو ماڻهو آهون ڀريندي کاڌي جي ڳولا ڪندو پيو وتي. اهي پنهنجيون قيمتي شيون بہ مانيءَ جي چند ٽڪرن لاءِ ڏيو ڇڏين، انهيءَ لاءِ تہ جيئن پنهنجي حياتي بچائي سگھن. سو يروشلم جي وسندي خداوند کي پڪاري ٿي تہ ”اي خداوند! مون تي نگاهہ ڪري ڏس تہ آءٌ ڪيتري نہ ذليل بڻجي ويئي آهيان!“


خداوند هڪڙي وڏي مڇيءَ کي مقرر ڪيو، جيڪا يونس کي ڳهي ويئي. يونس ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون انهيءَ مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو هو.


۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيئرو هو تہ چوندو هو تہ ’آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿندس.‘


تڏهن خدا اُتي هڪ کڏ ۾ ڦاڙ ڪيو تہ انهيءَ منجھان پاڻي نڪري آيو. پاڻي پيئڻ کان پوءِ سمسون ۾ ساهہ پيو ۽ هو وري تازو توانو ٿي پيو. تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو عين‌هقوري پئجي ويو. اُهو اڃا تائين لحيءَ جي هنڌ وٽ آهي.


پر يونتن اهو ڪونہ ٻڌو هو تہ پڻس ماڻهن کي قسم ڏنو آهي. سو هن پنهنجي هٿ واريءَ لٺ جو ڇيڙو ماکيءَ جي ماناري ۾ ٽُنبي، انهيءَ مان ڪجھہ ماکي کاڌي تہ سندس اکيون کلڻ لڳيون.


دائود جي ماڻهن هڪڙي مصري ماڻهوءَ کي ميدان ۾ پيل ڏٺو، جنهن کي هو دائود وٽ کڻي آيا. کيس ماني کارايائون ۽ پاڻي پيئاريائون.


پوءِ دائود هن کان پڇيو تہ ”تون ڪنهن جو ماڻهو آهين ۽ ڪٿان ٿو اچين؟“ انهيءَ ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”آءٌ مصري آهيان ۽ هڪڙي عماليقيءَ جو غلام آهيان. منهنجو مالڪ مون کي ٽي ڏينهن اڳ ڇڏي هليو ويو آهي، ڇو تہ آءٌ بيمار ٿي پيو هئس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ