Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 3:19 - Muslim Sindhi Bible

19 سموئيل وڏو ٿيندو رهيو ۽ جيئن تہ خداوند ساڻس گڏ هو، سو هن جي چيل ڪابہ ڳالهہ مٽيءَ ۾ ملڻ نہ ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ سموئيل وڏو ٿيندو ويو، ۽ خداوند ساڻس هو، ۽ هن جي ڪابہ ڳالهہ اجائي نہ ٿيڻ ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 3:19
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت ابيملڪ پنهنجي فوج جي سپهہ‌سالار فيڪل سان گڏ ابراهيم وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”جيڪي ڪجھہ تون ڪرين ٿو تنهن ۾ خدا تو ساڻ آهي.


پڪ ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ آهيان ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس. آءٌ تو کي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس. تو سان جيڪو واعدو ڪيو اٿم، جيستائين اهو پورو نہ ڪندس تيستائين تو کي ڇڏي ڪين ڏيندس.“


سو هو پنهنجي مصري مالڪ جي گھر ۾ رهڻ لڳو. جيئن تہ خداوند يوسف سان هو تنهنڪري هو خوشحال ٿيندو ويو.


سندس مالڪ ڏٺو تہ ”خداوند يوسف سان آهي، جو هو جيڪي ڪجھہ بہ ڪري ٿو تنهن ۾ خداوند کيس ڪاميابي عطا ڪري ٿو.“


”خداوند جي واکاڻ هجي جنهن پنهنجي قوم بني اسرائيل کي پنهنجي ڪيل واعدي موجب آرام ڏنو آهي. جيڪي بہ چڱا واعدا هن پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت ڪيا هئا تن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گٿو آهي.


ڏسو، هاڻي ثابت ٿيو تہ جيڪو فرمان خداوند اخي‌اب جي گھراڻي جي باري ۾ ٻڌايو آهي سو سڀ سچو ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اُهو ئي ڪجھہ ڪيو آهي جيڪو پنهنجي نبيءَ الياس جي معرفت چيو هئائين.“


اهڙيءَ طرح خداوند جيڪو واعدو ييهوءَ سان ڪيو هو سو پورو ٿيو تہ ”تنهنجو اولاد چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندو ايندو.“


خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’ياد رکو، آءٌ هن يروشلم شهر تي ۽ اتي رهڻ وارن تي مصيبت نازل ڪرڻ وارو آهيان، يعني انهن سڀني ڳالهين سبب جيڪي ان ڪتاب ۾ لکيل آهن جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ کي پڙهي ٻڌايو ويو آهي.


جڏهن اوهان تي ڪا ٻوڏ اچي ڪڙڪندي، تڏهن آءٌ اوهان سان ساڻي ٿيندس. هائو، جڏهن اوهين ڪنهن تڪليف مان گذرندا، تہ آءٌ اها اوهان تي غالب پوڻ نہ ڏيندس. يا وري جڏهن اوهين ڪنهن باهہ ۾ ڦاسي پوندا، تڏهن ڪو شعلو اوهان کي نہ ساڙيندو. هائو، جڏهن اوهين ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسندا، تہ اوهان کي ڪو نقصان نہ رسندو.


آءٌ جيڪو پنهنجي ٻانهن جي ٻڌايل ڳالهين کي، هائو، پنهنجي پيغمبرن جي ذريعي ٻڌايل منصوبن کي پورو ڪرڻ وارو آهيان، سو يروشلم بابت چوان ٿو تہ اهو وري آباد ٿيندو، ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن بابت تہ اهي ٻيهر اڏيا ويندا. هائو، انهن جا ويران گھر آباديءَ ۾ بدلجي ويندا.


تهڙيءَ ئي طرح منهنجو فرمان بہ هوندو، جيڪو منهنجي واتان ٿو نڪري. اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو، بلڪ جيڪي آءٌ چاهيان ٿو سو پورو ڪندو، ۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو، تنهن ۾ اهو ڪامياب ٿيندو.


”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا اسان سان.“


جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”سلام آ تو تي، جو خدا تو ساڻ آهي ۽ هن تو تي وڏو ڪرم ڪيو آهي.“


اهو ٻار يحيٰ جسماني توڙي روحاني طور وڌندو ويو ۽ تيستائين بيابان ۾ رهيو جيستائين بني اسرائيل قوم تي پاڻ کي کُليءَ طرح ظاهر نہ ڪيائين.


پوءِ اهو ٻار وڌندو ۽ زور وٺندو ويو. هو سياڻپ سان ڀرپور ٿيندو ويو ۽ مٿس خدا جي فضل جي نظر هئي.


عيسيٰ جسم توڙي سياڻپ ۾ وڌندو ويو ۽ کيس خدا ۽ ماڻهن جو راضپو پڻ حاصل ٿيندو ويو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ۾ آءٌ چوان ٿو تہ خوش رهو، سڌرندا رهو، منهنجي نصيحت تي عمل ڪندا رهو، هڪ دل ٿي رهو ۽ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندا رهو. اهڙيءَ طرح خدا جيڪو محبت ۽ سلامتيءَ وارو آهي سو اوهان ساڻ هوندو.


تنهن لاءِ اهو ياد رکي ڇڏيو تہ جڏهن ڪو نبي سڏائيندڙ خداوند جي نالي ڪجھہ چوي، پر سندس چوڻ موجب نہ ٿئي ۽ هن جي ڳالهہ پوري نہ ٿئي، تہ اها ڳالهہ خداوند طرفان نہ آهي، بلڪ اها انهيءَ نبي سڏائيندڙ گستاخي ڪري چئي آهي. سو متان اوهين انهيءَ کان ڊڄو.“


شل خداوند عيسيٰ تو سان گڏ هجي ۽ اوهان سڀني تي سندس فضل ٿيندو رهي.


خداوند بني اسرائيل سان اهي سڀ ئي چڱا واعدا پورا ڪيا جيڪي هن ساڻن ڪيا هئا.


پوءِ انهيءَ عورت کي پٽ ڄائو ۽ سندس نالو سمسون رکيائين. اهو ٻار وڌي وڏو ٿيو ۽ خداوند انهيءَ کي برڪت ڏني.


جڏهن اهي نشانيون تو تي اچن، تڏهن جيئن انهيءَ وقت تو کي مناسب لڳي تيئن ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ خداوند تو سان گڏ آهي.


هاڻي ڏسو، اوهان کي بادشاهہ آهي جيڪو اوهان جي اڳواڻي ڪندو. آءٌ پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ منهنجو مٿو بہ اڇو ٿي ويو آهي. پر منهنجا پٽ اوهان سان گڏ آهن. مون ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اوهان جي اڳواڻي پئي ڪئي آهي.


سندس نوڪرن مان هڪڙي وراڻيو تہ ”مون بيت‌لحم واري يسيءَ جو پٽ ڏٺو آهي، جيڪو سُرندي وڄائڻ ۾ تمام ماهر آهي. هو ڏاڍو بهادر ۽ جنگي جوان آهي. هو ڳالهائڻ ۾ هوشيار، هڪ خوبصورت ماڻهو آهي ۽ خداوند هن ساڻ آهي.“


تڏهن سائول دائود کان ڊنو، ڇاڪاڻ تہ خداوند دائود سان هو ۽ سائول کي ڇڏي ڏنو هئائين.


دائود هر ڪم ۾ ڪاميابي ماڻيندو هو ڇو تہ خداوند ساڻس گڏ هو.


سائول جيڏانهن بہ دائود کي موڪليندو هو، اوڏانهن هو ويندو هو ۽ ڪامياب ٿي موٽي ايندو هو. انهيءَ ڪري سائول کيس فوج ۾ هڪ اعليٰ رتبو ڏنو. اها ڳالهہ سڀني ماڻهن ۽ سائول جي سالارن کي پسند آئي.


خداوند حنہ تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي ۽ کيس ٽي وڌيڪ پٽ ۽ ٻہ ڌيئر ڄايون. ڇوڪرو سموئيل بہ خداوند جي خدمت ڪندي وڏو ٿيندو ويو.


هوڏانهن سموئيل ڇوڪرو وڌندو رهيو. خداوند توڙي انسان ٻئي کيس پسند ڪندا هئا.


پر نوڪر ورندي ڏنس تہ ”سائين، هن شهر ۾ هڪڙو خدا جو ٻانهو آهي جنهن جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي، ڇو تہ هو جيڪي چوندو آهي سو سڀ پورو ٿيندو آهي. سو هاڻي هل تہ وٽس هلون، شايد هو اسان کي ٻڌائي ڇڏي تہ اسين ڪهڙو رستو وٺون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ