Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 29:4 - Muslim Sindhi Bible

4 پر فلستين جا سالار اڪيس تي ڪاوڙيا ۽ کيس چيائون تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ کي موٽايو تہ هو انهيءَ جاءِ تي موٽي وڃي جيڪا توهان هن جي لاءِ مقرر ڪئي آهي. هو اسان سان گڏ جنگ تي نہ هلي، متان جنگ هلندي هو ڦري اسان جو دشمن ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي آقا سان هنن ماڻهن جي سسين کان سواءِ ڪيئن ٺاهہ ڪري ٿو سگھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 پر فلستين جا سردار هن تي ڪاوڙيا؛ ۽ فلستين جي سردارن هن کي چيو تہ انهي ماڻهو کي موٽائي، تہ هو وري اُنهي هنڌ وڃي جتي تو هن کي مقرر ڪيو آهي، ۽ هو اسان سان جنگ تي نہ هلي، متان جنگ هلندي هو ڦري اسان جو دشمن ٿي پوي: ڇالاءِ جو ڪهڙيءَ طرح هي شخص پنهنجي ڌڻي سان ٺاهہ ڪندو؟ هنن ماڻهن جي سسين سان تہ نہ ڪندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 29:4
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن دائود فلستين سان گڏجي بادشاهہ سائول سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيو، تڏهن منسيءَ قبيلي جا ڪجھہ سپاهي پڻ دائود جي طرف هليا ويا. حقيقت ۾ دائود ۽ سندس ساٿين فلستين کي ڪابہ مدد ڪانہ ڏني، ڇو تہ فلستين جي سردارن صلاح مشوري کان پوءِ دائود کي موٽائي ڇڏيو هو. هنن سوچيو تہ ”جيڪڏهن هو وڃي پنهنجي مالڪ سائول سان شامل ٿيو تہ پوءِ اسان جي سِرن کي خطرو آهي.“


جڏهن دائود صِقلاج ڏانهن موٽي ويو، تڏهن منسيءَ قبيلي مان هي ماڻهو هن سان شامل ٿيا: عدنہ، يوزباد، يديع‌ايل، ميڪاايل، يوزباد، اليهو ۽ ضلتي. هي منسيءَ قبيلي ۾ هزارن جي ٽولن جي مٿان سالار مقرر هئا.


تنهنڪري اچو تہ ساڻن چالاڪيءَ سان هلون، متان اهي اڃا بہ وڌي وڃن ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمنن سان گڏجي اسان سان وڙهن ۽ ملڪ مان نڪري وڃن.“


اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي تعريف ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ خدا جي بادشاهيءَ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“


اهي عبراني جيڪي اڳي فلستين سان گڏ هئا ۽ آس‌پاس وارن علائقن مان انهن سان گڏجي سندن خيمي‌گاهہ ۾ آيا هئا، سي بہ ڦري بني اسرائيل جي انهن ماڻهن سان اچي مليا جيڪي سائول ۽ يونتن سان هئا.


تڏهن اڪيس انهيءَ ڏينهن کيس صِقلاج شهر عطا ڪيو. اهو ئي سبب آهي تہ صِقلاج اڄ ڏينهن تائين يهوداہ جي بادشاهن جو شهر آهي.


اڪيس دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون منهنجي نظر ۾ خدا جي فرشتن جهڙو نيڪ آهين. مگر فلستين جي سالارن چيو آهي تہ تون اسان سان جنگ تي نہ هل.


ٽئين ڏينهن تي جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو پنهنجي شهر صِقلاج ۾ پهتا، تڏهن ڏٺائون تہ عماليقين ڏاکڻي علائقي ۽ صِقلاج شهر تي حملو ڪري شهر کي ڦري لٽي باهہ ڏيئي ڇڏي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ