1.سموئيل 29:3 - Muslim Sindhi Bible3 تڏهن فلستي لشڪرن جي سالارن چيو تہ ”هي عبراني هتي ڇو آيا آهن؟“ اڪيس کين وراڻيو تہ ”ڇا هي بني اسرائيل جي بادشاهہ سائول جو اعليٰ عملدار دائود نہ آهي، جيڪو مون سان هيترا ڏينهن بلڪ هيترا سال گڏ رهيو آهي؟ جڏهن کان هو مون وٽ ڀڄي آيو آهي، تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون هن ۾ ڪوبہ فرق محسوس ڪونہ ڪيو آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 تڏهن فلستين جي سردارن چيو تہ هي عبراني هتي ڇا پيا ڪن؟ ۽ اڪيس فلستين جي سردارن کي چيو تہ اهو دائود اسرائيل جي بادشاهہ سائول جو خادم نہ آهي ڇا؟ جو مون سان هيترا ڏينهن ۽ هيترا ورهيہ رهيو آهي، ۽ جڏهن کان هو مون وٽ ڀڄي آيو آهي تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون هن ۾ ڪوبہ عيب ڪونہ ڏٺو آهي؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن دائود فلستين سان گڏجي بادشاهہ سائول سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيو، تڏهن منسيءَ قبيلي جا ڪجھہ سپاهي پڻ دائود جي طرف هليا ويا. حقيقت ۾ دائود ۽ سندس ساٿين فلستين کي ڪابہ مدد ڪانہ ڏني، ڇو تہ فلستين جي سردارن صلاح مشوري کان پوءِ دائود کي موٽائي ڇڏيو هو. هنن سوچيو تہ ”جيڪڏهن هو وڃي پنهنجي مالڪ سائول سان شامل ٿيو تہ پوءِ اسان جي سِرن کي خطرو آهي.“