Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 29:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جڏهن فلستين جا پنج ئي سردار پنهنجن سون ۽ هزارن جي ٽولن سان وڌي اڳتي هليا ۽ دائود پنهنجي ماڻهن سميت اڪيس بادشاهہ سان گڏ انهن جي پٺيان هليو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ فلستين جا سردار سوَن ۽ هزارن سان لنگهي اڳتي ويا: ۽ دائود پنهنجن ماڻهن سميت اڪيس سان گڏ انهن جي پٺيان هليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 29:2
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن دائود فلستين سان گڏجي بادشاهہ سائول سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيو، تڏهن منسيءَ قبيلي جا ڪجھہ سپاهي پڻ دائود جي طرف هليا ويا. حقيقت ۾ دائود ۽ سندس ساٿين فلستين کي ڪابہ مدد ڪانہ ڏني، ڇو تہ فلستين جي سردارن صلاح مشوري کان پوءِ دائود کي موٽائي ڇڏيو هو. هنن سوچيو تہ ”جيڪڏهن هو وڃي پنهنجي مالڪ سائول سان شامل ٿيو تہ پوءِ اسان جي سِرن کي خطرو آهي.“


آخر ۾ دان جي منزل‌گاهہ جيڪا سڀني منزل‌گاهن جي پٺئين لشڪر جي حيثيت ۾ هئي، تنهن جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. عميشديءَ جو پٽ احيعزر انهن جو سردار هو.


سيحور ندي جيڪا مصر جي اوڀر ۾ آهي تنهن کان وٺي اتر ڏانهن عقرون جي سرحد تائين، اهو سمورو علائقو ڪنعانين جو ليکيو ويندو آهي يعني فلستين جي پنجن سردارن غزي، اشدودي، اسقلوني، جاتي ۽ عقروني وارو علائقو ۽ ڏکڻ ۾ عويم جو علائقو پڻ.


فلستين کانئن پڇيو تہ ”اسين ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ ڪهڙو نذرانو ڏيون؟“ هنن وراڻيو تہ ”فلستين جي سردارن جي تعداد موجب پنج سون مان ٺهيل ڳوڙهيون ۽ پنج سون مان ٺهيل ڪوئا موڪليو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي ۽ اوهان جا سردار انهيءَ هڪڙيءَ ئي آفت ۾ ڦاٿل آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ