Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 28:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن انهيءَ عورت چيس تہ ”ڏس، تو کي چڱيءَ طرح خبر آهي تہ ڪيئن نہ سائول بادشاهہ سڀني ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن کي ختم ڪرائي ڇڏيو آهي. پوءِ ڇو تون منهنجي مارائڻ لاءِ هيءَ ڦاهي پيو وجھين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 تڏهن انهي زال چيس تہ ڏس، توکي خبر آهي تہ سائول ڇا ڪيو آهي جو ڀوپن ۽ جادوگرن کي هن ملڪ مان وڍي ڪڍي ڇڏيو آهي: تڏهن ڇو منهنجي مارڻ لاءِ تون هيءَ ڦاهي ٿو وجهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 28:9
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جيڪڏهن آءٌ هن جي جان کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪا دغابازي ڪريان ها ۽ جڏهن تہ ڪابہ ڳالهہ بادشاهہ کان لڪل نہ ٿي رهي، تڏهن بادشاهہ جي ان بابت ٻڌڻ کان پوءِ تون پاڻ بہ منهنجي مدد ڪرڻ کان هٽي بيهين ها.“


جيئن ئي اسرائيل جي بادشاهہ خط پڙهيو تيئن ئي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ ”آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو ماريان ۽ جياريان! هي بادشاهہ ڇو هڪڙي ڪوڙهہ جهڙي چمڙي جي بيماريءَ ۾ ورتل ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ مون ڏانهن ٿو موڪلي؟ ڏسو تہ ڪيئن نہ هو مون سان جنگ ڪرڻ لاءِ وجھہ ٿو ڳولي.“


اوهين مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ڏانهن مائل نہ ٿجو، نڪي ڀوپن جي ڳولا ۾ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين انهن کان ناپاڪ ٿيندا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


تڏهن سائول قسم کڻي چيس تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي تہ انهيءَ ڪم جي ڪري تو کي ڪابہ سزا نہ ملندي.“


انهيءَ عرصي دوران سموئيل وفات ڪري چڪو هو ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن سندس لاءِ سوڳ ڪندي کيس سندس ئي شهر رامہ ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو. ان وچ ۾ سائول سڀني ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن کي ملڪ مان ختم ڪرائي ڇڏيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ