Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 28:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سو سائول ويس بدلائي ٻيا ڪپڙا پاتا ۽ ٻہ ماڻهو پاڻ سان وٺي رات جو انهيءَ عورت وٽ اچي پهتو. کيس چيائين تہ ”تون روحن جي وسيلي مون کي غيب جي خبر ڏي ۽ جنهن جو آءٌ نالو وٺان تنهن جي روح کي مون وٽ هتي گھرائي وٺ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 پوءِ سائول ويس بدلائي ٻيا ڪپڙا ڍڪيا، ۽ ٻہ ماڻهو پاڻ سان وٺي رات جو انهي زال وٽ آيو: ۽ چيائينس تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ تون جنات جي وسيلي مون کي غيب جي خبر ڏي، ۽ جنهن جو نالو آءٌ وٺان تنهن کي مون وٽ مٿي آڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 28:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اخي‌اب يهوسفط کي چيو تہ ”آءٌ ويس مَٽائي جنگ ڪندس، پر توهين ڀلي پنهنجي شاهي پوشاڪ پهري رکو.“ سو اخي‌اب ويس بدلائي لڙائي ڪرڻ نڪتو.


هوڏانهن اوچتو ئي ارام جي هڪڙي سپاهيءَ ائين ئي کڻي پنهنجي تيرڪمان سان تير هنيو جيڪو زرهہ جي جوڙن مان لنگھي وڃي اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب کي لڳو. بادشاهہ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏي هلائڻ واري کي چيو تہ ”جنگ مان گاڏي ڪڍي مون کي ٻاهر وٺي هل، ڇاڪاڻ تہ آءٌ زخمي ٿي پيو آهيان.“


سائول جو موت انهيءَ ڪري ٿيو جو هو خدا جو نافرمان هو. هو خداوند جي حڪمن تي پوريءَ طرح نہ هليو ۽ ڀوپن جي وسيلي مئلن جي روحن کان صلاح مشورو ورتائين،


اخي‌اب يهوسفط کي چيو تہ ”آءٌ پنهنجو ويس بدلائي لڙائيءَ ۾ شامل ٿيندس، پر اوهان کي پنهنجي شاهي پوشاڪ ئي پاتل هجي.“ سو اخي‌اب ويس بدلائي لڙائي ڪرڻ نڪتو.


انهيءَ هوندي بہ يوسياہ ڪين مڙيو پر ساڻس جنگ جوٽڻ لاءِ پنهنجو ويس مَٽايائين. هن انهيءَ پيغام ڏانهن ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو جيڪو نڪوہ خدا جي حڪم سان هن ڏانهن چوائي موڪليو هو، بلڪ هو مجدو ميدان وٽ ساڻس وڙهڻ لاءِ نڪري آيو.


جڏهن ماڻهو اوهان کي مِڻ مِڻ ۽ ڀُڻ ڀُڻ ڪندڙ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن بابت چون تہ ”اچو تہ انهن کان پڇون. اسان لاءِ اهو مناسب آهي تہ اسين روحن جا طلبگار ٿيون. ڇا جيئرن بابت مئلن کان پڇا ڪرڻ بهتر نہ آهي؟“


هائو، آءٌ آسمان ۾ توڙي زمين تي هر هنڌ موجود آهيان، تہ پوءِ ڇا ڪو انسان پاڻ کي ڪنهن اهڙي ڳجھي هنڌ لڪائي سگھي ٿو جتي آءٌ کيس ڏسي نہ سگھان؟


انهيءَ فتويٰ جو سبب هي آهي تہ روشني دنيا ۾ آئي پر ماڻهن روشنيءَ کان وڌيڪ اونداهيءَ کي پسند ڪيو، ڇاڪاڻ تہ سندن ڪم بڇڙا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ