Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 28:4 - Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ جڏهن فلستي گڏ ٿيا ۽ اچي شونيم ڳوٺ جي ڀرسان خيما کوڙيائون، تڏهن سائول بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ اچي خيما کوڙيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ فلستي گڏ ٿيا ۽ شونيم ۾ تنبو هنيائون: ۽ سائول سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ اُنهن جلبوعہ ۾ تنبو هنيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 28:4
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي جِلبوعہ جا جبلؤ! اي موت جا پهاڙؤ! شل اوهان تي نہ ڪڏهن ماڪ پوي نہ وري مينهن وسي، شل نذرانن جي شين واريون نڪي پوکون ئي ٿين، ڇوجو اوهان تي بهادرن جون ڍالون اڇلائي ڦٽو ڪيون ويون. انهن ۾ سائول جي ڍال بہ هئي، افسوس! جنهن تي هاڻي تيل مکڻ وارو ناهي.


انهيءَ جوان وراڻيو تہ ”اتفاق سان جڏهن آءٌ جِلبوعہ جبل تي هئس، تہ ڏٺم تہ سائول پنهنجي نيزي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو آهي ۽ دشمنن جون جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙي سوار سندس پيڇو ڪندا پيا اچن.


تڏهن دائود وڃي جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي ماڻهن کان سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا ورتا، جيڪي هنن بيت‌شان جي چونڪ مان چورايا هئا، جتي فلستين هنن کي انهيءَ ڏينهن ڦاسيءَ تي چاڙهيو هو جنهن ڏينهن سائول کي جِلبوعہ ۾ قتل ڪيو هئائون.


پوءِ هنن سڄي بني اسرائيل ۾ خوبصورت ڇوڪريءَ جي ڳولا ڪئي ۽ شونيم ڳوٺ ۾ اِبي‌شاگ نالي هڪ ڇوڪري لهي هٿ ڪيائون جنهن کي بادشاهہ وٽ آڻي پيش ڪيائون.


هڪڙي ڏينهن اليشع شونيم ڳوٺ ڏانهن ويو. اتي هڪڙي شاهوڪار عورت رهندي هئي جنهن اليشع تي زور ڀريو تہ ”اسان جي دعوت کاءُ.“ انهيءَ کان پوءِ جڏهن بہ اليشع شونيم ڳوٺ ڏانهن ويندو هو تہ انهيءَ عورت وٽ ماني کائيندو هو.


سندن سرحد اندر هي شهر هئا: يزرعيل، ڪسولوت، شونيم،


سائول جڏهن فلستين جو لشڪر ڏٺو، تہ اچي ڊنو ۽ سندس دل تمام گھڻو ڏڪڻ لڳي.


هوڏانهن فلستين جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪئي. اتي بني اسرائيل جا گھڻا ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪجھہ ڀڄي نڪتا.


ٻئي ڏينهن جڏهن فلستي قتل ٿيل ماڻهن کي لٽڻ لاءِ آيا، تہ هنن جِلبوعہ جبل تي سائول ۽ سندس ٽن پٽن جا لاش ڏٺا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ