Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 28:18 - Muslim Sindhi Bible

18 جيئن تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو هو ۽ عماليقين کي سندس ڪاوڙ موجب پوريءَ طرح برباد نہ ڪيو هو، تنهنڪري ئي خداوند اڄ تو سان ائين ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو، ۽ عماليقين سان هن جي سخت ڪاوڙ موافق تو هلت نہ ڪئي، تنهنڪري خداوند اڄ تو سان ائين ئي ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 28:18
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ انهي نبيءَ چيس تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تو هڪ واجب‌القتل ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري هن جي جان جي عيوض تنهنجي جان ورتي ويندي ۽ تنهنجي فوج کي هن جي فوج جي عيوض تباهہ ڪندس.‘“


سائول جو موت انهيءَ ڪري ٿيو جو هو خدا جو نافرمان هو. هو خداوند جي حڪمن تي پوريءَ طرح نہ هليو ۽ ڀوپن جي وسيلي مئلن جي روحن کان صلاح مشورو ورتائين،


هاڻ جيڪو خداوند جي انهيءَ ڪم ۾ غفلت ڪندو سو لعنتي ٿيندو. هائو، جيڪو پنهنجيءَ تلوار کي خون وهائڻ کان روڪيندو سو لعنتي ٿيندو.


سو سائول ماڻهن کي چيو تہ ”ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ سلامتيءَ واري قربانيءَ جا جانور مون وٽ آڻيو.“ پوءِ هن ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي.


تڏهن سائول سموئيل کي چيو تہ ”مون تہ پاڻ خداوند جو حڪم مڃيو آهي. جنهن مقصد لاءِ خداوند مون کي موڪليو هو، تنهن تي ئي آءٌ هليو آهيان. مون عماليقين کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن بادشاهہ اجاج کي پڪڙي آيو آهيان.


تڏهن سموئيل چيس تہ ”اڄ خداوند بني اسرائيل جي بادشاهي تو کان ڇني ڦاڙي کسي ورتي ۽ اها ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏيائين، جيڪو تو کان چڱو آهي.


پر سائول ۽ سندس ماڻهن اجاج کي ۽ تمام چڱين رڍن ٻڪرين، ڍورن ڍڳن، ٿلهن متارن ڇيلن ۽ گھيٽن کي ۽ ٻيو جيڪي چڱو هو تنهن کي ڇڏي ڏنو ۽ انهن کي بلڪل برباد ڪرڻ نہ گھريائون. مگر جيڪا شيءِ بي‌ملهہ ۽ بيڪار هئي، تنهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ