Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 28:16 - Muslim Sindhi Bible

16 سموئيل چيس تہ ”مون کان ڇو ٿو پڇين، جڏهن تہ تون ڄاڻين ٿو تہ خداوند تو کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ تنهنجو دشمن بڻجي ويو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ سموئيل چيو تہ تڏهن ڇالاءِ تون مون کان پڇين ٿو، جڏهن ڄاڻين ٿو تہ خداوند توکي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنجو دشمن ٿيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 28:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن خداوند تنهنجي واهر نہ ٿو ڪري تہ پوءِ آءٌ ڪيئن تنهنجي واهر ڪري سگھندس؟ مون وٽ ڪا ڪڻڪ يا مئي رکي آهي ڇا؟“


هن تيرانداز دشمن وانگر حملو ڪري پنهنجي طاقت سان اسان جي پيارن کي قتل ڪري ڇڏيو. هن اسان جي وطن تي پنهنجو قهر باهہ جيان نازل ڪيو. هائو، هن سڄي پياري صيئون کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيو.


پروردگار دشمن بڻجي ويو آهي، ۽ اسان جي ملڪ کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو اٿس. هائو، هن اسان جا سڀيئي محلات ۽ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن. هن يهوداہ جي پياري ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم ۽ روڄ راڙو وجھي ڇڏيو آهي، جيڪو ختم نہ ٿو ٿي سگھي.


مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آسمان! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلؤ! اي عيسيٰ بابت خوشخبري ۽ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“


خدا جو پيغام ڏيندڙن توڙي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن، مطلب تہ جن کي بہ زمين تي ڪُٺو ويو آهي، تن سڀني جو رت تو ۾ ٿو ملي.“


اي خداوند! ڀل تنهنجا سڀ دشمن ائين برباد ٿين. تو کي پيار ڪرڻ وارا ڀل انهيءَ سج جيان هجن، جيڪو پوري آب وَ تاب سان اُڀري ٿو.“ پوءِ ملڪ ۾ چاليهن سالن تائين امن وَ امان رهيو.


تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ ”تو ڇو منهنجو آرام ڦٽايو آهي جو مون کي مٿي سڏايو اٿيئي؟“ سائول ورندي ڏنس تہ ”آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ آهيان، ڇاڪاڻ تہ فلستي مون سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن ۽ خدا بہ مون کي ڇڏي ڏنو آهي. هو مون کي ڪابہ ورندي نہ ٿو ڏئي، نہ نبين جي وسيلي ۽ نہ وري خوابن جي رستي. تنهنڪري مون تو کي سڏايو آهي تہ مون کي ٻڌاءِ تہ آءٌ هاڻي ڇا ڪريان؟“


خداوند تو سان اهو ئي ڪجھہ ڪيو آهي، جيڪو هن منهنجي معرفت چيو هو. خداوند تو کان بادشاهي کسي تنهنجي ويجھي ساٿي دائود کي ڏيئي ڇڏي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ