Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 28:14 - Muslim Sindhi Bible

14 سائول پڇيس تہ ”اهو ڪهڙيءَ شڪل جو آهي؟“ عورت وراڻيس تہ ”اهو هڪڙو پوڙهو ماڻهو آهي جو مٿي چڙهندو پيو اچي، کيس هڪڙو جبو پيل آهي.“ تڏهن سائول سهي ڪيو تہ اهو سموئيل آهي. سو هن زمين تي پيشاني رکي کيس تعظيم ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ هن چيس تہ اُهو ڪهڙي شڪل جو آهي؟ زال چيو تہ هڪڙو ٻڍو ماڻهو چڙهندو ٿو اچي؛ ۽ ان کي هڪڙو چوغو پيل آهي. ۽ سائول سهي ڪيو تہ اهو سموئيل آهي، تڏهن هن پنهنجو منهن جهڪائي زمين تي رکيو، ۽ تعظيم ڏنائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 28:14
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو الياس اتان روانو ٿيو ۽ وڃي اليشع ولد شافاط کي لڌائين جيڪو زمين ۾ هر ڪاهي رهيو هو. ڪل ٻارهن جوٽون هيون. يارهن جوٽون کانئس اڳيان هيون، هو پاڻ ٻارهين يعني آخري جوٽ سان هو. الياس وٽس ويو ۽ پنهنجي چادر لاهي هن جي مٿان اڇلائي وڌائين.


بادشاهہ کانئن پڇيو تہ ”اهو ماڻهو ڪهڙي منهن مهانڊي جو هو جيڪو اوهان کي اچي گڏيو ۽ اها ڳالهہ ڪيائين؟“


الياس پنهنجي چادر لاٿي ۽ ويڙهي سيڙهي پاڻيءَ تي هنيائين تہ پاڻي ٻہ حصا ٿي پيو. پوءِ هو ٻيئي ڄڻا اتان سڪيءَ مان لنگھي درياءَ جي هُن ڀر ويا.


پوءِ جيئن ئي سموئيل منهن ڦيرائي هلڻ لڳو، تيئن سائول سندس جبي جي دامن کي پڪڙيو تہ اهو ڦاٽي پيو.


تڏهن دائود بہ اٿيو ۽ غار مان نڪري اچي سائول کي سڏي چيائين تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ!“ سائول منهن ورائي پٺتي نهاريو تہ دائود منهن زمين تي رکي کيس تعظيم ڏني


بادشاهہ هن کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، بلڪ ٻڌاءِ تہ تون ڇا ڏسي رهي آهين؟“ تڏهن انهيءَ عورت سائول کي ٻڌايو تہ ”آءٌ هڪڙي روح کي زمين منجھان نڪري مٿي ايندي ڏسي رهي آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ