Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 28:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن سائول قسم کڻي چيس تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي تہ انهيءَ ڪم جي ڪري تو کي ڪابہ سزا نہ ملندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ سائول خداوند جو قسم کڻي هن کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ انهي ڪم جي ڪري توکي ڪابہ سزا نہ ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 28:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا ائين انهيءَ ڪري چيو آهي جو کيس خبر آهي تہ جنهن وقت اوهين اهو ميوو کائيندا تنهن وقت خدا وانگر نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سڃاڻي وٺندا.“


تڏهن عورت چيو تہ ”اي بادشاهہ! آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان دعا گھرو تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو متان منهنجي پٽ کي ماري نہ وجھي.“ تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو.“


اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.


پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ”آءٌ ان ماڻهوءَ کي نہ ٿو سڃاڻان.“


هن قسم کڻي واعدو ڪيس تہ ”جيڪڏهن حڪومت جو اڌ گھرندينءَ تہ بہ ڏيندوسانءِ.“


مون کي انهيءَ جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن بني اسرائيل کي بچايو آهي، تہ جيڪڏهن اهو گناهہ منهنجي پٽ يونتن بہ ڪيو هوندو تہ اهو ضرور ماريو ويندو.“ پر ماڻهن مان ڪنهن بہ هن کي ورندي ڪانہ ڏني.


سائول ڌيان سان يونتن جي ڳالهہ ٻڌي ۽ قسم کڻي چيائين تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي تہ هن کي قتل نہ ڪيو ويندو.“


تنهن تي انهيءَ عورت پڇيس تہ ”ڪنهن جي روح کي تو وٽ گھرايان؟“ سائول چيس تہ ”سموئيل جي روح کي.“


تڏهن انهيءَ عورت چيس تہ ”ڏس، تو کي چڱيءَ طرح خبر آهي تہ ڪيئن نہ سائول بادشاهہ سڀني ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن کي ختم ڪرائي ڇڏيو آهي. پوءِ ڇو تون منهنجي مارائڻ لاءِ هيءَ ڦاهي پيو وجھين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ