1.سموئيل 27:8 - Muslim Sindhi Bible8 انهيءَ عرصي ۾ دائود ۽ سندس ماڻهو نڪري جسُورين، جزرين ۽ عماليقين تي حملا ڪندا رهندا هئا، جيڪي قديم زماني کان وٺي شور واري رستي مصر جي سرحد تائين واري علائقي ۾ رهندا هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 پوءِ دائود پنهنجن ماڻهن سميت مٿي ويو، ۽ جسورين، ۽ جزرين، ۽ عماليقين تي ڪاهہ ڪيائين: ڇالاءِ جو اهي ئي قومون قديم وقت کان وٺي، شور ڏي ويندي مصر جي حد تائين، انهي ملڪ ۾ رهنديون هيون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ابيسلوم يوآب کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جڏهن مون تو ڏانهن چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ، تڏهن تو اچڻ کان انڪار ڪيو. مون چاهيو ٿي تہ تو کي بادشاهہ ڏانهن موڪليان، جيئن تون کيس چوين تہ آءٌ جسُور کان ڇو آيو آهيان. انهيءَ کان چڱو هو تہ آءٌ اتي ئي هجان ها. تنهنڪري هاڻي تون مون کي بادشاهہ جي منهن چڙهڻ ڏي. پوءِ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري ڇڏي.“